جِھَڙا جي سنڌي معنيٰ
جَھِڙا، وانگي، جيان، ھُوبَھُو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Such as, in such manner as, according as, like, resembling.
جِھَڙا جا بيتن ۾ حوالا
چَنڊَ ميرائِي سُپِرِين، کارا جِھَڙا کِيرَ،
ڪَڙا گهاءِ ڪيوِڙي، آڪا گهاءِ عَنبِيرَ،
ساجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نَہ وِسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 33 ]

ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻين نَہ لَھي
جِھَڙا مُنھِنجا سُپِرِين، تِھَڙا ميگهَہ مَلهارَ ،
کَڻُ اَکِيُون کِلُ يارَ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌو ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 20 ]

جِھَڙا ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِھَڙِي ڏُونگَرَ ڏيٺِ،
آئُون تَنھِن ھيٺِ، پيرُ نِھارِئان پِرِينءَ جو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 23 ]

جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿِنِ ويسَ،
چوٽا تيلَ چَنبيلِئا، ھا ھُوءَ جي ھُمَيشَ،
پَسِئو سُونھَن سَيِّدُ چئَي، نِينھَن اَچَنِ نيشَ،
لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نَہ اُڄَھي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 1 ]

جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون مَٿَنِ سايُون،
اَگَرَ ۽ عَنبِيرَ سين، تازا ڪِئائُون تَنَ،
مَڙِهئا گهَڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَنَ،
سُونھَنِ رُپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنَ،
ڪِئائُون لالَ لَطِيفُ چئَي، وَڏا ويسَ وَرَنَ،
مَنجِهہ مَرَڪِيَسِ مَنَ، تَہ سوڍي سين سَڱُ ٿِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 2 ]

ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا موچارا سُپِرِينِ،
ڪَنوَلَ جِھَڙا مُکِڙا، ڀَؤُنرَ ڀَوَندَڙا رَسُ پيتُمِ ڙِي،
آئُون جَنِي جِي آھِيان، ڇَپَرِ سي نَہ ڇَڏِيندَمِ ڙِي،
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، ڪامِلَ ھَٿان ڪَمَ ٿِيندَمِ ڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 10 ]

جِھَڙا ڪَڻِڄِ ڪَکَڙا، تِھَڙا جائِنِ ڦُلَ،
تَنِ سامِيَنِ جي سَڌَ مَران، جَنِ جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ،
اَندَرِ مُلَ اَمُلَهہ، ٻَھَرِ ڪوجها ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 19 ]

ڪَسي ڪا ڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينھَن جِي،
سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، لاھي لانگوٽِي،
جِھَڙا آيا جَھانَ ۾، تِھَڙا وِئا موٽِي،
تَنِي جِي چوٽِي، پورڀِ ٿِيندِي پَڌِرِي .
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 6 ]

جيڪي چَئِين ٿِي ھيرَ، تَنھِنجِي اَٺِين پَتِي جي اَڳُ چَيَئِي،
تَہ خُونَ سَڀَيئِي بَخشِيانءِ، مَنَ ۾ آڻي مَهيرَ،
جِھَڙا کَنيَئِي پيرَ، تِھَڙا موٽِي آيَئِي مُنھَن ۾.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 11 ]

جِھَڙا مُنھَن مُھاڙَ، تِھَڙا پُٺِيرا سُپِرِين،
نَظَرُ ڪَري نِھارِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُھان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 31 ]