جِندَڙي جي سنڌي معنيٰ
جيون، جانِ، حياتي، زندگي، بدن. جسم، تن، ساھ ضمير خود، پنڊ، پاڻ، پنھنجي سِر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Life
جِندَڙي جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

ڌَڳايومِ ڌَنئِين، ڄيرو اَندَرِ جِندَڙي،
لَڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سَندي نِينھَن نَئِين،
مُشاھِدي تَھِين، مُون کي وِڌو مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 12 ]
لَڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سَندي نِينھَن نَئِين،
مُشاھِدي تَھِين، مُون کي وِڌو مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 12 ]
اَئِين اَچِي پَسو جيڏِيُون، ھِي جو حالُ مُنھِنجي جِندَڙي،
پائي وِئَڙا پيرَ ۾، مَنجهان کَرَسَ کَسو،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، ڏيئِي تَنَ تَسو،
ڏيئِي وِئَڙا ڏاهَ کي، سُورَنِ جو سَرَسو،
مَتان وِھو ويسَلِيُون، رِڙِھو تان رَسو،
ساءُ نَہ آيان سُورَ جو، ھاڻي ٿِيُون ھَسو،
مُندائتي مِينھَن جِيئَن، ويروتارَ وَسو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 9 ]

ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري،
جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهلُ پَنھِنجو پاري،
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين، مُون کي ڪوھِيارو ٿو ڪاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهاري،
آسَرَ ڀَري آھِيان، واحِدُ آڻينِ واري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچارِيءَ واري.
[ سُر ديسي، وايون، 3 ]

سُورَ مَ ڏي ڌُوڻَ آئُون اَڳيئِي ڪانھِري،
ڦَٽَ اَڳيئِي ڦَٽِيا، تُون لَپُون آڇِ مَ لُوڻَ،
جا پَرِ پَروڻَ، سا پَرِ مُنھِنجي جِندَڙي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 10 ]
ڦَٽَ اَڳيئِي ڦَٽِيا، تُون لَپُون آڇِ مَ لُوڻَ،
جا پَرِ پَروڻَ، سا پَرِ مُنھِنجي جِندَڙي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 10 ]
غَينَئُون غُربَتَ جِندَڙي، سَدا سَناسِيَنِ،
ڊِڄئو ڊاءِ اللهَ جي، پُورَنِ ۾ پَچَنِ،
ريءَ رُخصَتَ رامَ جي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجَهنِ،
إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلرَّزَّاقُ ذُو ٱلۡقُوَّةِ ٱلۡمَتِينُ ، سامِيَنِ سَڏَ سُڄَنِ،
جوڳِي جُنگَ جَلَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 19 ]

ڪِھَڙو ٿِئو سُنَّتَ جو، طالِبَ مَٿي تاءُ،
پَرڻو ڦاھِي جِندَڙي، مَنجِهہ مُنجهائي ساھُ،
گهُري جو اللهُ، سو ھِنيُون ھورَنِ گَڏِئو.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 10 ]
پَرڻو ڦاھِي جِندَڙي، مَنجِهہ مُنجهائي ساھُ،
گهُري جو اللهُ، سو ھِنيُون ھورَنِ گَڏِئو.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 10 ]
English Meaning
Life