جَهڪِيُون جي سنڌي معنيٰ
گَهٽ ٿيون (حسن يا قيمت ۾). گهَٽِ ٿيون، ڪَسو ٿيون، ڍَريون ٿيون، ڌِيميون ٿيون، ضعيف ٿيون، ڏُٻريون ٿيون، ھيڻيون ٿيون، ٿَڪَيون، ھيٺاھون ٿيون، نِمييون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dimmed, fainted, paled, dull, confused, hazy.
جَهڪِيُون جا بيتن ۾ حوالا
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ،
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]