جَلاءِ جي سنڌي معنيٰ
ساڙ، ٻار، کام، پَچ. ڀَسَم ٿي. پوسرج. (اندر ۾) رَجهُہ، ڪڙهُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To burn, be envious, have a grudge or ill will.
جَلاءِ جا بيتن ۾ حوالا
جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون سَڀَ پَچاءِ،
لُڇَڻُ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، پَڌَرِ ھَڏِ مَ پاءِ،
مَڇُڻ لوڪُ لَکاءِ، وِصالا وِچُ پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 10 ]

ڪِينَ ٿِيين ڪِي نَہ ڪِئوءِ، وَڃِي ڪِينَ ڪَماءِ،
لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، جوڳِي سَڀَ جَلاءِ،
سامِي پوءِ سَلِينداءِ، ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 29 ]
لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، جوڳِي سَڀَ جَلاءِ،
سامِي پوءِ سَلِينداءِ، ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 29 ]
ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِيين، دُونھِيُون ڪِيمَ دُکاءِ،
وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، اَندَرِ آڳِ جَلاءِ،
جَنِ کي سَڄَڻَ جِي ساڄاءِ، تَنِ کي ڪِينان مِٺو ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 16 ]
وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، اَندَرِ آڳِ جَلاءِ،
جَنِ کي سَڄَڻَ جِي ساڄاءِ، تَنِ کي ڪِينان مِٺو ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 16 ]
نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾ دُونھِين پاءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
جَا آديسِي عِشقَ سين، سا لاھُوتِي لاءِ،
جِندا تِيئَن جاڳاءِ، جِيئَن سا آتِش آبُ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 18 ]
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
جَا آديسِي عِشقَ سين، سا لاھُوتِي لاءِ،
جِندا تِيئَن جاڳاءِ، جِيئَن سا آتِش آبُ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 18 ]
شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ اللهُ سين،
گهوڙو هِنَ گِروھَ سين، حَمدَ مَنجِهہ هَلاءِ،
سُرَهي اِنَ سِلڪَ سين، ڀَڄِي ڪِي ڀَڄاءِ،
ٿِيءُ تَہ ٿوڪُ پِرائِيين، لاشَڪُ تَنِي لاءِ،
تَرَڪُ ڪَرِ طَلَبَ سين، لاهُوتِي مَ لَڄاءِ،
خُودِي کَڻُ مَ پاڻَ سين، جوڳِيَنِ وَٽِ جَلاءِ،
مَھِندان مَشائِخَنِ جي، چَلَڻَ سَڀَ چَلاءِ،
ڪامُ تُنھِنجو ڪاپَڙِي، سامِيَنِ وَٽِ سَماءِ،
آسَڻَ اَڳِئان اُنِ جي، ٻَر ٻَر ڪِئو ٻاڏاءِ،
سِيھو جا سونُ ڪِري، تَنھِن صُحبَتَ کي مَ سِڪاءِ،
سُرَهِي سَناسِينِ جِي، سُڻِي ڪا سُڻاءِ،
آهِمِ آسَ اِسمَ جي، ڌاڳا تُون ڌُلاءِ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفَ کي، اُنِين ساڻُ اَگَهاءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 25 ]