جَفا جي سنڌي معنيٰ
ظلم، سِتم، انڌيرُ، زيادتي، تَشَددُ، ناانصافي، جور، جارُ، ڏاڍائي، زبردستي، سختي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Trouble, molestation, injustice.
جَفا جا بيتن ۾ حوالا
جَفا وارِيَنِ جَسُ، جَسُ جَفا ريءَ نَہ ٿِئي،
سُتينِ ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
پُنهون وَڃِي پَسُ، سِر ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 11 ]
سُتينِ ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
پُنهون وَڃِي پَسُ، سِر ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 11 ]
ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا،
واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا،
حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ کي، جورُ ھَڻِي جانِئا،
تَہ تُسِي تو سين توھُ ڪَري، آگو اِحسانا،
جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا،
تَہ تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا،
جٖي تسلِيمُ ٿِئا تَحقِيقَ سين، اُوءِ ڪِيئَن اَمانا،
جاڳِئا جٖي جَبارَ لَيءِ، سيئِي سَمانا،
سَڀَ سَنوَرِئا سُپِرِين، قَوالَ تو ڪَنا،
چَڱِي چَئِجِ چاھَ سين، مَدَحَ اِيءَ مَنا،
مَتان مَڙدَ وِسارِيين، صاحِبَ جو ثَنا،
دوسِتُ رَکِي دِلِ ۾، پَڙُه لالَڻُ لِسانا،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، ٻانَهپَ سين ٻانها،
صاحِبَ وَڻِين سَچَ سين، ٿِيءُ داناءُ ديوانا،
تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، جوشَئُون جَوانا،
لَھين تُون لَطِيفَ کان، اَمُنُ اَمانا.
[ سُر سريراڳ، وايون، 1 ]

سُتوئِي سيڄَ گُهرين، جَفا ڏيِين نَہ جانِ،
صُلحَ ريءَ سيڻانِ، مَتان نُونڌين نَہ چَڙِهين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 14 ]
صُلحَ ريءَ سيڻانِ، مَتان نُونڌين نَہ چَڙِهين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 14 ]
سُتوئِي سيڄَ گُهرين، جَفا ڏيِين نَہ جِيءَ،
پَھني ڌاران پِيَ، مَتان نُونڌين نَہ چَڙِهين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 13 ]
پَھني ڌاران پِيَ، مَتان نُونڌين نَہ چَڙِهين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 13 ]
English Meaning
Trouble, molestation, injustice.