جيلاھِين جي سنڌي معنيٰ
(جنھن لاءِ) جنھنڪري، انهيءَ سببان، ان ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
For such cause as.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
جيلاھِين جا بيتن ۾ حوالا
تارا تيلاھِين، توڏي گهَڻو نِھارِيان،
سَڄَڻُ جيلاھِين، تُون تيلاھِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 5 ]
سَڄَڻُ جيلاھِين، تُون تيلاھِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 5 ]
پُنهون ڇڏِئو پوءِ، جانِبُ جَبَلَ گهورِيين،
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
ڏيھُ ڏِيھائِين ڏُورِ، پَرَ ڏيھان پَري ٿِئو،
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَراھين پُورِ،
تُون ٿو وَڃين ھوتَ حُضُورِ، مُنھِنجو جِيئَڻُ جيلاھِين ٿِئي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 8 ]
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَراھين پُورِ،
تُون ٿو وَڃين ھوتَ حُضُورِ، مُنھِنجو جِيئَڻُ جيلاھِين ٿِئي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 8 ]
جيڪُسِ جيلاھِين، مارُو ناھِ مَلِيرَ ۾،
مُنھِنجِي تيلاھِين، اَچِئو ڪَرَ ڪونَہ لَھي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 4 ]
مُنھِنجِي تيلاھِين، اَچِئو ڪَرَ ڪونَہ لَھي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 4 ]
تَري تُنَ پَياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَھي،
کُوھو جُهر جُهونُو ٿِئو، لاڄُو سَڀَ لَڙَياسِ،
جيلاھِين سَڌَرَ سُکاڻِياسِ، وَھي تي وَھَ سامُھِين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 5 ]
کُوھو جُهر جُهونُو ٿِئو، لاڄُو سَڀَ لَڙَياسِ،
جيلاھِين سَڌَرَ سُکاڻِياسِ، وَھي تي وَھَ سامُھِين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 5 ]
English Meaning
For such cause as.