تِھان جي سنڌي معنيٰ
تنھن کان. اُتان کان. انهيءَ تان. ان وقت کان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
There, to that place, thence, from that place.
تِھان جا بيتن ۾ حوالا
عِشقَ جي اَسبابَ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون،
آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 8 ]
دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون،
آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 8 ]
سَري ڪِي نَہ ڪِئونِ، ويڻَ موکِيءَ جٖي مارِئا،
ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ،
تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ مَتارَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 25 ]
ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ،
تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ مَتارَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 25 ]
صُوفِيءَ صافُ ڪِئو، ڌوئِي وَرَقُ وُجُودَ جو،
تِھان پوءِ ٿِئو، جِيئَري پَسَڻُ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 5 ]
تِھان پوءِ ٿِئو، جِيئَري پَسَڻُ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 5 ]
سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو،
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾،
پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وارَ،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، کِيو مَنجِهہ خُمارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،
سائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهہ قَطارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھاڪارَ،
تائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙهو، اِيءَ پَچارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدا يارَ،
گِهڙان ٿِي ريءَ گهَڙِي، اللهَ توھارَ ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِھان رَکُ سَتارَ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،
شِڪارُ تُون شَھبازَ جو، تُون تان مَنجِهہ شِڪارَ،
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ، جِتِ ڀَڄندا ڀارَ،
تُرَھو ڇِنَم تارِ ۾، اَچِجِ جِيئَن اوسارَ،
لَکَ مِڙيئِي لُٽِئا، ھُونھِين وِئَڙا ھَزارَ،
ڏِنَئِي جَي اللهَ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پارَ،
جُوٺَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دارَ،
جيفو آھِ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَھَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَھارَ،
سا ڪِيئَن ھَلي تو سين، جا ڀَڳي کان ڀَتارَ،
جِيئَڻُ جالَ نَہ نِبَھي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪارَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 5 ]

گهَڙو مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِئا،
تِھان پوءِ سُئا سُهڻِيءَ سَڏَ ميھارَ جا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 30 ]
تِھان پوءِ سُئا سُهڻِيءَ سَڏَ ميھارَ جا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 30 ]
جَي قِيامَ مِڙَنِ، تَہ ڪَرَ اوڏا سُپِرِين،
تِھان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 28 ]
تِھان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 28 ]
نَڪو تَتو ڏِينھُن، نَڪو ليکو ئِي ٿِئو،
تِھان اوري نِينھُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 22 ]
تِھان اوري نِينھُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 22 ]
حُسَينِي حُسينَ لَئي، بِيبِيءَ پاڻَ چَئِي،
تِھان پوءِ پَئِي، خَبَرَ ٻِيءَ خَلَقَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 15 ]
تِھان پوءِ پَئِي، خَبَرَ ٻِيءَ خَلَقَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 15 ]
لاڳاپا لاھِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ چئَي،
تِھان پوءِ پُڇاءِ، پِريان سَندو پيچِرو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 12 ]
تِھان پوءِ پُڇاءِ، پِريان سَندو پيچِرو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 12 ]
English Meaning
There, to that place, thence, from that place.