تَنوارِئو جي سنڌي معنيٰ
سڏ ڪريو، آواز ڏيو. آلاپيو. ٻوليو. للڪاريو. لَنوو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Call, to emit a sound warble, chirp, to call with a loud voice, to abuse, to fan a fire.
تَنوارِئو جا بيتن ۾ حوالا
جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ،
اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو.
سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين، نِرمَلَ نُورَ نِھارِئو،
سائِلَنِ جِيئَن سَڏَ ڪَري، اَئِين تالُنِ کي تَنوارِئو،
مَرِضُ مَرِيضَنِ تان، اَئِين اِشاري ساڻُ اُتارِئو،
ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي، مُون کي اَھُکِيءَ مان اُڪارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 4 ]

لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو،
اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ،
طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
رَسِئو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ،
مِروئَنِ مَوتُ قَبُولِئو، اَپَرِ اَفسوساءُ،
بَرَ پُڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊِئا آرِيءَ لَئي گهَڻو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 12 ]

توڏَنِ تان نَہ تَنوارِئو، مُنھِنجو لالَڻُ وارِئو،
اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،
شَرَفُ لَھي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪارِئو.
[ سُر معذوري، وايون، 4 ]

ڏاگهَنِ ۽ ڏيرَنِ، وَڃِي تَنگِ تَنوارِئو،
نِئائُون نَہ نِماڻِي پاڻَ سين، جيڏِي ڪِي جَتَنِ،
اَدِيُون اوٺِيَڙَنِ، آئُون نِتُ نِھارِي آھيان.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 8 ]

اِجلِس ڪَري اُٿِئا، تَنوارِئو توڏَنِ،
نَومَ نَوازي تَنِ کي، مَرحَبا موڏَنِ،
رِڙِھِي رَسُ روڏَنِ، اليَومَ سِيرُو سَسُئِي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 5 ]