تَختُ جي سنڌي معنيٰ
بادشاھ جي ويھڻ لاءِ اوچي ھنڌ تي رکيل خاص مسند. مَسنَد ، گادي. بادشاهي، سلطنت، حڪومت. پلنگ، صندل. ٻيڙيءَ جو اڳيون پاسو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A throne, sitting chair of the king. A board, plank, stone flag, slab. The raised walk in a garden.
تَختُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪُوفِيُنِ خَطُ لِکِئو، وِچِ وِجِهي اللهُ،
اَسِين تائِبُ تُنھِنجا، تُون اَسانجو شاھُ،
ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، تَہ تَختُ تابِيني تُنھِنجي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 5 ]
اَسِين تائِبُ تُنھِنجا، تُون اَسانجو شاھُ،
ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، تَہ تَختُ تابِيني تُنھِنجي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 5 ]
نَہ ڪَنھِن ڄائو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ،
نَنڍي وَڏي گَندَري، سَڀَ ڪَنھِن آھِ سِياءُ،
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، اِيءَ نِجابَتَ نِياءُ،
ڪِبرُ ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 17 ]
نَنڍي وَڏي گَندَري، سَڀَ ڪَنھِن آھِ سِياءُ،
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، اِيءَ نِجابَتَ نِياءُ،
ڪِبرُ ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 17 ]
تَڙِ تَرِيُون ڍوئِينِ، ڪَنِ رِھاڻِيُون ريلَ ۾،
رَڇَ پَنھِنجي راڄَ ۾، ويٺِيُون سَموھِينِ،
مُھاڻِيُون موھِينِ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 16 ]
رَڇَ پَنھِنجي راڄَ ۾، ويٺِيُون سَموھِينِ،
مُھاڻِيُون موھِينِ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 16 ]
تَختُ بَختُ تَماچِي، سَڀَ نُورِيءَ کي نَمَنِ،
لِڪِئو لِياڪا پايا، سارِي راتِ سَمِيُنِ،
ٻايُون راڻِيُون دايُون، تَنھِن جا پيرَ چُمَنِ،
مَڃَرُ مَلاحَنِ، مِڙيوئِي مَعافُ ٿِئو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 20 ]