تيلُ جي سنڌي معنيٰ
سڻڀي پاڻيٺ، سڻڀ، چڪنائي. روغن جو ڪنھن تيلي ٻج جھڙوڪ سَرنهہ، ڄانڀي وغيرہ مان نڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Oil, A Hindu festival in which oil is used, kept in the ninth month of a woman’s pregnancy.
تيلُ جا بيتن ۾ حوالا
آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي،
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي،
مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾، سَندِي پِرِينءَ پَڻِي،
ڪانِهي مُون ڀَنڀورَ ۾، ڌاران تو تَڻِي،
ڪَندِيَسِ وَسَ وِندُرَ ۾، ميڙِيندومِ ڌَڻِي،
ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيان، آرِيءَ جِي اَڻِي،
آھي ھوتَنِ ھَٿَ ۾، سَندِي جِيءَ جَڙِي،
ڪِينَ وِرمِئا وِچَ ۾، ھَلِئا ھِيءَ ھَڻِي،
مُون کي ڪوٺِيو پاڻَ ڏي، ھادِيءَ ھَٿُ کَڻِي،
پُنهونءَ ڌاران پَٻَ ۾، ٻيلِي ناھِ ٻَڙِي،
توري تيلُ نَہ لايان، نَہ ڪا سِينڌِ ڦَڻِي.
[ سُر ديسي، وايون، 7 ]

وَٽِ سورِيندي وَلَها، وِئَڙو تيلُ ٻَرِي،
موٽُ مُسافِرَ سُپِرِين، چانگي تي چَڙِھي،
راڻي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 5 ]

تاسِريءَ تيلُ پِئو، ڪوسو چَڙِهئو چُلِهہ،
راتِ ھُئين ڪَنھِن مُلِ، آءُ لِيلان جا وَلَها.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 26 ]

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُوءِ لُنءَ بَرابَرِ لَکُ،
رُپو جَنھِن رَدِ ڪِئو، ڪوڙِ تَھِين کي ڪَکُ،
مُون مارُوءَ جو مَکُ، تيلُ نَہ لائِيان تُنھِنجو.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 4 ]

تيلُ نَہ لايان تُنھِنجو، مُون مارُو مَنِ،
ڪَرِيان ٻِي نَہ ڪَنِ، آھَرَ اُنِھين آھِيان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 5 ]