اِيندِي جي سنڌي معنيٰ
ملندي، حاصل ٿيندي، پوندي، لاڀ پوندي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Will come, get, obtain, will have.
اِيندِي جا بيتن ۾ حوالا
ھُوندو ھَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
وَٽِي واٽاڙُوئَن کي، پِياري پَرِکُ،
سا لِکَ لَھي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 8 ]
وَٽِي واٽاڙُوئَن کي، پِياري پَرِکُ،
سا لِکَ لَھي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 8 ]
اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو،
لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي،
وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 19 ]
لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي،
وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 19 ]
وَڳَرَ وِچائِين، بازَ جهوري ڪُونجَهڙِي،
ٻَچَن اِيئَن ڀانئِين، تَہ آيَلِ اِيندِي واھِري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 6 ]
ٻَچَن اِيئَن ڀانئِين، تَہ آيَلِ اِيندِي واھِري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 6 ]
English Meaning
Will come, get, obtain, will have.