اُھوئِي جي سنڌي معنيٰ
اُهو ساڳيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
That very, identical, same.
اُھوئِي جا بيتن ۾ حوالا
حَبِيبَنِ ھيڪارَ، مَنجهان مِھرَ سَڏُ ڪِئو،
سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 14 ]
سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 14 ]
تُون چَنڊُ اُھوئِي، جَو ھُتي پَسِين پِرِينءَ کي،
آڏِتَ چَئِجِ عَجِيبَ کي، ڏِيان جَي روئِي،
ھيڪانديءَ ھوئِي، سانگُ نَہ پوئي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 8 ]
آڏِتَ چَئِجِ عَجِيبَ کي، ڏِيان جَي روئِي،
ھيڪانديءَ ھوئِي، سانگُ نَہ پوئي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 8 ]
چورُ اُڀو اِيئَن چوءِ، آئُون اُھوئِي آھِيان،
جَي اَسِي اَکِيُنِ ھوءِ، تَہ لِڪي کي ڪو نَہ لَھي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 30 ]
جَي اَسِي اَکِيُنِ ھوءِ، تَہ لِڪي کي ڪو نَہ لَھي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 30 ]
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ،
سِرُ دَرِ قَدَم يار فِدا شُدِ چہِ بَجا شُدِ ، وَصُلَ اُھوئِي وَنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 13 ]
سِرُ دَرِ قَدَم يار فِدا شُدِ چہِ بَجا شُدِ ، وَصُلَ اُھوئِي وَنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 13 ]
سَختِي شَھادَتَ جِي، مَلارُ مِڙيوئِي،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
ڪُڄاڙو ڏيئِي، آئُون مِڙَندِي پِرِينءَ کي،
سِرُ ٿِي سُنَتَ ڀانيان، سَڃِينديَس سوئِي،
اوڙَڪِ اُھوئِي، وِجَهندِيَسِ پيشِ پُنهونءَ جي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 28 ]
سِرُ ٿِي سُنَتَ ڀانيان، سَڃِينديَس سوئِي،
اوڙَڪِ اُھوئِي، وِجَهندِيَسِ پيشِ پُنهونءَ جي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 28 ]
آدَمُ ڪَلَ اللهَ جِي، آھي جَلِيلَ سَندِي جاءِ،
ڪَعبو اُھوئِي آھِ، پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 26 ]
ڪَعبو اُھوئِي آھِ، پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 26 ]
کَڻُ بورائُو بازَ کي، ڳِجَهہ مَ ڳَري لاءِ،
آھي اِنَ اَنڌِيءَ جِي، جِيفي پاسي جاءِ،
کاڄُ اُھوئِي کاءِ، ھُو جو قُوتُ ڪِلابَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 25 ]
آھي اِنَ اَنڌِيءَ جِي، جِيفي پاسي جاءِ،
کاڄُ اُھوئِي کاءِ، ھُو جو قُوتُ ڪِلابَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 25 ]
تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
ڪِھَڙِي ڪاتِبَ تُون ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيھَ،
جَي وَرَقَ وَرائِيين وِيھَ، تَہ اَکَرُ اُھوئِي ھيڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 20 ]
ڪِھَڙِي ڪاتِبَ تُون ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيھَ،
جَي وَرَقَ وَرائِيين وِيھَ، تَہ اَکَرُ اُھوئِي ھيڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 20 ]
English Meaning
That very, identical, same.