اُڻِ تُڻِ جي سنڌي معنيٰ
ڳڻتِي، تشويش، چنتا، بيقراري، هُرکُر، آنڌ مانڌ. فڪر، انتظار. يادگيري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Care, anxiety, disquietude, perplexity, distraction, uneasiness.
اُڻِ تُڻِ جا بيتن ۾ حوالا
اوڳارِينِ نَہ اَنَراَ، ٻَڌا چَرَنِ نَہ ٻُورُ،
ليڙَنِ کي لَطِيفُ چئَي، ھَلَڻَ جو مَذڪُورُ،
مَيَنِ کي مَعمُورُ، آھي اُڻِ تُڻِ اڳِيين پَنڌَ جِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 15 ]
ليڙَنِ کي لَطِيفُ چئَي، ھَلَڻَ جو مَذڪُورُ،
مَيَنِ کي مَعمُورُ، آھي اُڻِ تُڻِ اڳِيين پَنڌَ جِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 15 ]
کُٽِيءَ خُوشِ رَھَنِ، سَڄِي سُورُ سَناسِيين،
اوگهَڙِ اوڏا ڪاپَڙِي، سَتُرُ تان نَہ سَهَنِ،
اُڻِ تُڻِ اُنِ اَندَرَ ۾، سَدا سُپَيرِيَن،
اَوَسَرِ عِيدُون ڪَنِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 4 ]
اوگهَڙِ اوڏا ڪاپَڙِي، سَتُرُ تان نَہ سَهَنِ،
اُڻِ تُڻِ اُنِ اَندَرَ ۾، سَدا سُپَيرِيَن،
اَوَسَرِ عِيدُون ڪَنِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 4 ]
English Meaning
Care, anxiety, disquietude, perplexity, distraction, uneasiness.
اُڻِ تُڻِ ٻول جا زمرا