اُونِهي جي سنڌي معنيٰ
وڏي پاڻي، عميق، اَٿاه. گھري، ڳوُڙهي خيال، ويچار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Deep, profound.
اُونِهي جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي سَنواري صاحِبُ،
ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ،
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 21 ]
ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ،
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 21 ]
تاري وانءُ طَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ،
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنھِنجو تُرَھو،
اُونِهي ۾ آڻي، ڪونَہ ڏيِندُءِ ڪو ٻِئو.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 1 ]
اُونِهي ۾ آڻي، ڪونَہ ڏيِندُءِ ڪو ٻِئو.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 1 ]
جٖي اُونِهي وِئا اوھَرِي، اللهُ سي واري،
آئُون اُنِ آساري، تَڙَ پُوڄارِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 12 ]
آئُون اُنِ آساري، تَڙَ پُوڄارِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 12 ]
اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن جٖي وِئا،
سانداري سَمُنڊَ جي، نِھوڙي نِئا،
وَڃِي تِتِ پِئا، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 13 ]
سانداري سَمُنڊَ جي، نِھوڙي نِئا،
وَڃِي تِتِ پِئا، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 13 ]
اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن وِئا جٖي،
موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي،
کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 14 ]
موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي،
کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 14 ]
وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون،
مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو،
سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو،
اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو ڏيھُ چِتايو،
اُنِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ٿِئو سَفَرُ سَجايو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 12 ]
مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو،
سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو،
اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو ڏيھُ چِتايو،
اُنِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ٿِئو سَفَرُ سَجايو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 12 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنُ ڪَري،
توڏِي تاڪُنِ وِچَ ۾، وِيرِنِ مَنجِهہ وَري،
آءُ ساھَڙَ مُنھِنجا سُپِرِين، پِرتان پيرَ ڀَري،
ھادِي ھَٿَ ڌَري اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 9 ]
توڏِي تاڪُنِ وِچَ ۾، وِيرِنِ مَنجِهہ وَري،
آءُ ساھَڙَ مُنھِنجا سُپِرِين، پِرتان پيرَ ڀَري،
ھادِي ھَٿَ ڌَري اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 9 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڀِيڙِ اُبَتِي ڀَتِ،
آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ کپَتِ،
ساھَڙَ ڪَري سُپَتِ، اُونِهي مان اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 16 ]
آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ کپَتِ،
ساھَڙَ ڪَري سُپَتِ، اُونِهي مان اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 16 ]
English Meaning
Deep, profound.