اُجَهڻَ جي سنڌي معنيٰ
رُلڻ پنڻ، ڀٽڪڻ، دربدر ٿيڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wandering, vagrancy, aimless roaming.
اُجَهڻَ جا بيتن ۾ حوالا
مُوڙھو ڀُڻين مَڱڻا، ڪيڏانھَن ھُئَين ڪالَهہ،
لَنگها ڇَڏِ لَطِيفُ چئَي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ،
سَٻَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَہ قِيمَتَ ميڙِيين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 1 ]
لَنگها ڇَڏِ لَطِيفُ چئَي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ،
سَٻَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَہ قِيمَتَ ميڙِيين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 1 ]
نَڪِي ڪِتوئِي ڪالَهہ، اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين،
مُونا اَٽِجِي اُکِڙِئا، اَرٽَ ڍَرَڪِي مالَهہ،
ھَئَي تُنھِنجي حالَ، جِيئَن ڪاپي مان ڪِينَ ڪِيوءِ.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 7 ]
مُونا اَٽِجِي اُکِڙِئا، اَرٽَ ڍَرَڪِي مالَهہ،
ھَئَي تُنھِنجي حالَ، جِيئَن ڪاپي مان ڪِينَ ڪِيوءِ.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 7 ]
اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين، نَڪِي ڪِتُئِي ڪالَهہ،
اَرٽَ اوڏِيائي نَہ وَھين، مَحڪُمُ وَٽِيين نَہ مالَهہ،
ڀورِي تو سين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيتِرا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 8 ]
اَرٽَ اوڏِيائي نَہ وَھين، مَحڪُمُ وَٽِيين نَہ مالَهہ،
ڀورِي تو سين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيتِرا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 8 ]
ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ پَئِي،
اُجَهڻَ لَڳِيُون اولِيُون، وِئَنِ وَنجَهہ وَھِي،
ڪَلاچِيانَ ڪَھِي، ڪَڏِھِين ڪو نَہ آئِيو.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 2 ]
اُجَهڻَ لَڳِيُون اولِيُون، وِئَنِ وَنجَهہ وَھِي،
ڪَلاچِيانَ ڪَھِي، ڪَڏِھِين ڪو نَہ آئِيو.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 2 ]
English Meaning
Wandering, vagrancy, aimless roaming.