اَھارَ جي سنڌي معنيٰ
آھر سان، آڌار سان، آسري تي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In or under protection of, in the hands of.
اَھارَ جا بيتن ۾ حوالا
راتِ اُنداھِي ريءَ گهَڙي، نَہ ھِينئَڙي آڏِي اَڏَ،
ساھَڙَ سُڻجِ سَڏَ، تو اَھارَ تارِ تَران.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 19 ]

مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾،
اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ،
ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون آھِيان اَوِھان ڌارَ،
ٻِڇَلِ ٻانڌِي ٻارِ ڪَري اُتِ اُبَتا آرَ،
تَنھِن ۾ گِهڙِي سُهڻِي آڳَھَ ريءَ آڌارَ،
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ،
سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين، سِگهو رَسُ سَنگهارَ،
اوراڙان آھُون ڪَري، پَھچان شالَ پَراڙَ،
سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون، سانڀارا سَنڀارَ،
آيَمِ ريلي ريءَ سين، اَلا تو اَھارَ،
تارِ تَرَندِيَسِ پِرِين پَسَندِيَسِ، ويندِيَسِ وَٽِ وَڇارَ،
پُورِيندِيَسِ پارَ مَڻِي، سَھِسين جَي سيسارَ،
گولِي گهاگهائي، جَکَنِ ٿا جانارَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 17 ]

سِرُ تانسِيئنءَ نَہ ڏِيان، حَمِيراڻا ٻارَ،
مُون وَٽِ مَھائِي گَهڻا، تُون ڪَرِ مِيرَ ٿَھارَ،
اُڇَلي عِراقِيَنِ سين، ڌَڙُ ڪَندوسين ڌارَ،
رِڻمَلُ رَبَ اَھارَ، ٿو سَمُو سونَهرِي ھَڻي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 15 ]