اَٿُون جي سنڌي معنيٰ
آھي، اسان کي آھي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
We have
اَٿُون جا بيتن ۾ حوالا
مَندُ پئَندي مُون، ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.
پِي پِيالو عِشقَ جو، سَڀُڪِي سمجِهوسُون،
پِريان سَندي پارَ جِي، اَندَرِ آڳِ اَٿُون،
جِيئَڻُ ناھِ جَڳَ ۾، ڏِينھَن مِڙيئِي ڏُون،
اَلا! عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آهين تُونھِين تُون،
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 33 ]
پِي پِيالو عِشقَ جو، سَڀُڪِي سمجِهوسُون،
پِريان سَندي پارَ جِي، اَندَرِ آڳِ اَٿُون،
جِيئَڻُ ناھِ جَڳَ ۾، ڏِينھَن مِڙيئِي ڏُون،
اَلا! عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آهين تُونھِين تُون،
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 33 ]
راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾، مَٿي جَنِ مَڻِي،
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، ڌوراڙِنِ ڌَڻِي،
اُتَرَ لَڳِئي اُنِ جا، ڇاڄا پِئا ڇَڻِي،
مُحسَنَ ۽ مُقِيمَ ڏي، اَٿُون گهُرَ گهَڻِي،
کَٽُون جَنِ کَڻِي، لُڊوڻي لاٿِيُون.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 18 ]
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، ڌوراڙِنِ ڌَڻِي،
اُتَرَ لَڳِئي اُنِ جا، ڇاڄا پِئا ڇَڻِي،
مُحسَنَ ۽ مُقِيمَ ڏي، اَٿُون گهُرَ گهَڻِي،
کَٽُون جَنِ کَڻِي، لُڊوڻي لاٿِيُون.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 18 ]
راڻي جي رُسَڻَ جو، دِلِ ۾ اَٿُون داڳُ،
وَٺِي وِئو پاڻَ سين، سَڀوئِي سُھاڳُ،
مُون کي ڏيئِي ڏُھاڳُ، ڪاھي وِئو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 23 ]
وَٺِي وِئو پاڻَ سين، سَڀوئِي سُھاڳُ،
مُون کي ڏيئِي ڏُھاڳُ، ڪاھي وِئو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 23 ]
ڪَرُ کَڻِئو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ تي مَضبُوطُ،
آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيھا ثابُوتُ،
ڪانگَلَ اَٿُون قُوتُ، پَيغامَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 10 ]
آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيھا ثابُوتُ،
ڪانگَلَ اَٿُون قُوتُ، پَيغامَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 10 ]
ڇَھِينءَ راتِ ڇَڪايو، سالِڪَ سوري سازُ،
ڳايائِين ڳَڙَه گِرنارَ ۾، ڪَري آڳَھَ سين آوازُ،
صَلاحَ جو سَيِّدُ چئَي، اَٿُون راجا توسين رازُ،
سُڀاڻي سَرفَرازُ، مِيان ڪَندو مَڱڻين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 6 ]
ڳايائِين ڳَڙَه گِرنارَ ۾، ڪَري آڳَھَ سين آوازُ،
صَلاحَ جو سَيِّدُ چئَي، اَٿُون راجا توسين رازُ،
سُڀاڻي سَرفَرازُ، مِيان ڪَندو مَڱڻين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 6 ]
English Meaning
We have