اَٺَئِي جي سنڌي معنيٰ
اٺَن جا اٺَ، سڀيئي اَٺَ. (ٻہ جوڙاچار جا)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
All eights, eights.
اَٺَئِي جا بيتن ۾ حوالا
سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ وَڏو مامِرو،
اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 13 ]
اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 13 ]
اَڻَ چُوندَلَنِ مَ چَئُہ، چُوندَلَنِ چَيو وِسارِ،
پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي پارِ،
مُفتِي مَنجِهہ وِھار، تَہ قاضِيءَ ڪاڻِيارو نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 26 ]
پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي پارِ،
مُفتِي مَنجِهہ وِھار، تَہ قاضِيءَ ڪاڻِيارو نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 26 ]
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مَھارَ،
چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 11 ]
چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 11 ]
اَٺَئِي پَھَرَ اوڙاھَ تي، مَنجِهہ گُهرِءَ گهاري،
وَسَ نَہ ويچاري، تَہ ڪِيئَن ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 19 ]
وَسَ نَہ ويچاري، تَہ ڪِيئَن ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 19 ]
جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ ھَڏِ مَ لائُون لَڌِيُون،
مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 20 ]
مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 20 ]
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،
اَٺَئِي پَھَرَ اَٿِنِ، سَعيو ڪَنھِن سَفَرَ جو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 9 ]
اَٺَئِي پَھَرَ اَٿِنِ، سَعيو ڪَنھِن سَفَرَ جو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 9 ]
اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَئِي پَھَرَ آٽَ ۾،
وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَرَ ڇَڏي ڏيرَ،
لَڙِئي سِجِ لَطِيفُ چئَي، پَٻِ نِھاري، پيرَ،
ڪَھِي جا ڪُويرَ، سا ھادِي ميڙِيين ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 22 ]
وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَرَ ڇَڏي ڏيرَ،
لَڙِئي سِجِ لَطِيفُ چئَي، پَٻِ نِھاري، پيرَ،
ڪَھِي جا ڪُويرَ، سا ھادِي ميڙِيين ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 22 ]
لَنڊِيُون ھِنَ لوڪَ ۾، مَرُ ھَزارين ھُونِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَڱڙا، ڌويو ڌويو ڌُوَنِ،
پيرَ پَٽِ نَہ پُونِ، اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 16 ]
اَٺَئِي پَھَرَ اَڱڙا، ڌويو ڌويو ڌُوَنِ،
پيرَ پَٽِ نَہ پُونِ، اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 16 ]
موٽِي مَڱڻَھارَ، شالَ مَ اَچين ڪَڏِھِين،
اَٺَئِي پَھَرَ عَلِيلَ کي، ڪُنڍو مَنجِهہ ڪَپارَ،
جَنھِن تو سَڀَ ڄَمارَ، ھَنيا ڇَٽَ پَٽَنِ سين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 8 ]
اَٺَئِي پَھَرَ عَلِيلَ کي، ڪُنڍو مَنجِهہ ڪَپارَ،
جَنھِن تو سَڀَ ڄَمارَ، ھَنيا ڇَٽَ پَٽَنِ سين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 8 ]
ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي، مَنجِهہ وَھلُورَ وَتَنِ،
اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ،
سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي ڪَنبَنِ،
جٖي راتو ڏِينھَن رَمَنِ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 2 ]