اَصلِ جي سنڌي معنيٰ
اصل کان، شروع کان. هرگز، بنهہ، پٽيءَ، اَصلي، مطلقا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
from beginning, original, originally
اَصلِ جا بيتن ۾ حوالا
سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 5 ]
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 5 ]
موکِي چوکِي نَہ ٿِئي، اَصلِ اوڇِي ذاتِ،
وَٽِيُون ڏيئِي واتِ، مَتارا، جَنھِن مارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 10 ]
وَٽِيُون ڏيئِي واتِ، مَتارا، جَنھِن مارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 10 ]
اَصلِ عاشِقَ پانھِنجي، سِسِي نَہ سانڍِينِ،
لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 30 ]
لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 30 ]
ڪَرَھا ڪُرَ سُڃاڻُ، پِيَ ڪو ۽ پانھِنجو،
اَصلِ آھي آھِنجو، ناليرو نِڌاڻُ،
ڪَرَھا اَسان ساڻُ، چانگا ڪِجِ چَڱايُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 5 ]
اَصلِ آھي آھِنجو، ناليرو نِڌاڻُ،
ڪَرَھا اَسان ساڻُ، چانگا ڪِجِ چَڱايُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 5 ]
ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ،
اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ،
نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي تَرِن،
سِڪَ رَساڻي سُهڻِي، اَصلِ عاشِقَنِ،
سي جَهلِيُون ڪِينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 38 ]

سارِي سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُهڻِي،
طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 13 ]
طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 13 ]
سَختِي شَھادَتَ جِي، مِڙيوئِي مَلارُ،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 9 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 9 ]
سَختِي شَھادَتَ جِي، مَلارُ مِڙيوئِي،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، مَرَڪِي اُڀا مِيرَ،
وِڙِھِي ويرِنِ سامُھان، تِکا ھَنيائُون تِيرَ،
ھُئِي اِيءَ تَقدِيرَ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 6 ]
وِڙِھِي ويرِنِ سامُھان، تِکا ھَنيائُون تِيرَ،
ھُئِي اِيءَ تَقدِيرَ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 6 ]
اَصلِ اَنگُ سَندونِ، وَھِي جيڏاھِين وِئو،
ڪِھَڙو ڏوھُ ڏِبونِ، سو مُنھُن آيو ساٿِيين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 20 ]
ڪِھَڙو ڏوھُ ڏِبونِ، سو مُنھُن آيو ساٿِيين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 20 ]
English Meaning
from beginning, original, originally