اَسُونھِين جي سنڌي معنيٰ
اڻ ڄاڻ، ناواقف، جيڪا سونھين نہ هجي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who don't know, aloof
اَسُونھِين جا بيتن ۾ حوالا
مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان.
ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ،
جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا نابُودُ،
اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪِئو ڪَنِ سُجُودُ،
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 4 ]

ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين،
جي اُو اَوڳُڻَ ڳِنَهَنِ اَسُونھِين، تُون ڳُڻانِي ڳِنُ،
پُٺِيءَ لَڳِي پِنُ، ھِنَ سُونھاري سَنڱ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 10 ]
جي اُو اَوڳُڻَ ڳِنَهَنِ اَسُونھِين، تُون ڳُڻانِي ڳِنُ،
پُٺِيءَ لَڳِي پِنُ، ھِنَ سُونھاري سَنڱ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 10 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آھِيان،
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان،
ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان،
جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَھايان،
پِيھان پَچايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 1 ]
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان،
ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان،
جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَھايان،
پِيھان پَچايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 1 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين،
پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين،
سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين،
ھارِي ڪِيئَن ھُونھِين، ريءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَري.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 2 ]
پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين،
سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين،
ھارِي ڪِيئَن ھُونھِين، ريءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَري.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 2 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آئُون،
چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون،
موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 3 ]
چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون،
موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 3 ]
ڏانگهَنِئُون ڏيرَنِ، جي ھُوندَ آندا ٻَڙِدَ ڀَنڀورَ ۾،
کُڙِيءَ کُڙِڪو اُنِ جو، سُتي سُئو سَڀَنِ،
ھَڻِي چِيلَ چَرا ڪِئا، وَھِ پَئِي وَھُڙَنِ،
ڏاندين ساٿِ سَيِّدُ چئَي، پِيادِيُون پَهچَنِ،
جَنِ جو پيرُ نَہ لَڳو پَٽِيين، تَنِ آيُم ساڻُ اُٺَنِ،
گُنگنِ ۽ جُنگَنِ، مُنڌَ اَسُونھِين ميڙِيين.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 7 ]

ڏيرَنِ ڏوھُ نَہ جيڏِيُون، ماءُ مِڙُوئِي مُون،
آئُون اَسُونھِين اُو سُونھان، پِرِين ڀَلا پَرڀُون،
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جو، پاندُ نَہ پُڄتوسُون،
جَنِ جو تُونھِين تُون، سي پِيادِيُون پھچائِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 14 ]