اَجَلَ جي سنڌي معنيٰ
کُٽِي، موت، مرتيو، مقرر ٿيل مُدو، کُڻ. قَضا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Death
اَجَلَ جا بيتن ۾ حوالا
پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو،
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]
ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ ساڻُ،
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 17 ]
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 17 ]
جيھا تان نَہ تيھا، نيڻَ پِريان جا نائُڪُون،
ڪوڙيِين ڪُٺا ڪيتِرا، اِلماسَ جيھا،
پَسِي پَرِ اِھا، عَجَبُ ٿِئو اَجَلَ کي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 7 ]
ڪوڙيِين ڪُٺا ڪيتِرا، اِلماسَ جيھا،
پَسِي پَرِ اِھا، عَجَبُ ٿِئو اَجَلَ کي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 7 ]
English Meaning
Death