اوناءِ جي سنڌي معنيٰ
سُڻي، ٻُڌي، ڌيان سان ڪن لائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hear, listen, carefully listen.
اوناءِ جا بيتن ۾ حوالا
اُٿِي وَرَ اوناءِ، دانھُون دَمبُورَنِ جُون،
اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي، لَنگها تُون لِيلاءِ،
جوڙِ تَندُون ڪَرِ جاءِ، مَتان سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 4 ]
اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي، لَنگها تُون لِيلاءِ،
جوڙِ تَندُون ڪَرِ جاءِ، مَتان سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 4 ]
کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪِري،
اُڀِي جَو اوناءِ، سُڻ ڀُڻ سَندِي سَڄَڻين.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 8 ]
اُڀِي جَو اوناءِ، سُڻ ڀُڻ سَندِي سَڄَڻين.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 8 ]
سودو اِھوئِي سَڦِرو، سو مُون پَلَئِہ پاءِ،
وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ،
ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ مِڙي ماءِ،
لُطِفَ ساڻُ لَنگهاءِ، لَهرو لَهرِيُنِ وِچَ مانَ.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 9 ]