آڻِئو جي سنڌي معنيٰ
ڪنھن بہ تکيءَ شيءِ تير، ڀالي، ترار وغيرہ جي چھنب يا ڪناري وٽ، نوڪ، آڻِي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Tip of sharp tool, at needle, edge
آڻِئو جا بيتن ۾ حوالا
سُورِي سِينگاري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،
لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٿِئا نيزي نِظاري،
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 6 ]
لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٿِئا نيزي نِظاري،
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 6 ]
پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون،
آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي،
جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 1 ]
آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي،
جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 1 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڀِيڙِ اُبَتِي ڀَتِ،
آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ کپَتِ،
ساھَڙَ ڪَري سُپَتِ، اُونِهي مان اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 16 ]
آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ کپَتِ،
ساھَڙَ ڪَري سُپَتِ، اُونِهي مان اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 16 ]
ڀَريُون پَرِينءَ ڀَرِ، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون،
آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ ڀَڄِي ڪَرِ،
تو ڀانيو آئُون گهَرِ، آھِين آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 9 ]
آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ ڀَڄِي ڪَرِ،
تو ڀانيو آئُون گهَرِ، آھِين آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 9 ]
وَرَنِ وِيھين ڏِينھَن تي، سامِي سُڃاڻِئو،
پاڻُ پَچائِينِ پُورَ ۾، آديسِي آڻِئو،
مالَهائُون مارِئو، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 20 ]
پاڻُ پَچائِينِ پُورَ ۾، آديسِي آڻِئو،
مالَهائُون مارِئو، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 20 ]
دالَئُون دُونھُون دَردَ جو، دِلِ ۾ دُکائِينِ،
آڻِئو آڳِ عِشقَ جِي، چَقمَقُ چُهٽائِينِ،
جِيءُ پَنھِنجو جوشَ ۾، پَل پَل پَچائِينِ،
اَلْعِشْقُ نَارٌ يُحْرَقُ مَا سِوَا الْمَحْبُوْبِ ، ماتَمُ مَچائِين،
خَطِرا سَڀَ کانئينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 8 ]

لامَئُون سي لاھُوتَ ۾، سَدا سَيرُ ڪَرِينِ،
اُتان عِلمَ ۽ حِلمَ جا، آڻِئو پَھَ پُورِينِ،
لَڏِئو لامَڪانَ ۾، عِشِرَتَ سين اورِينِ،
وَ اللّٰهُ عَلٰى ڪُلِّ شَیْءٍ قَدِيرُ ، چَپَنِ کي چورِينِ،
سامِيَڙا سورِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 23 ]

ڪَرُ کَڻِئو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ تي مَضبُوطُ،
آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيھا ثابُوتُ،
ڪانگَلَ اَٿُون قُوتُ، پَيغامَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 10 ]
آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيھا ثابُوتُ،
ڪانگَلَ اَٿُون قُوتُ، پَيغامَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 10 ]
ڏائو چَڙِهئو ڏارَ تي، زاغُ ڪَري زارِيُون،
آڻِئو آتَڻَ وِچَ ۾، ڏي سَنِيھا سارِيُون،
ماٺِ ڪَرِئو مارِيُون، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان ڪانگَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 14 ]
آڻِئو آتَڻَ وِچَ ۾، ڏي سَنِيھا سارِيُون،
ماٺِ ڪَرِئو مارِيُون، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان ڪانگَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 14 ]
ھُئَين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگا پارِيَئِي ڪانَہ،
اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو ڏيِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 25 ]
اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو ڏيِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 25 ]
English Meaning
Tip of sharp tool, at needle, edge