ھِنيَين جي سنڌي معنيٰ
اندر ۾ يا سان، ھيانءُ سان، دل سان، وجود سان، پنھنجي پاڻ سين
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Cordial, Innermost, by own-self, by heart, with whole existence
ھِنيَين جا بيتن ۾ حوالا
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ،
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
مَرَندي سِينءَ مَ مَڃِ، اَکَرُ جَو اَلِفَ جو،
سو مَ ھِنيَين سَڃِ، جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 26 ]
سو مَ ھِنيَين سَڃِ، جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 26 ]
سِسِيءَ ڪَنَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِنيَين نَہ جَنِي ڪَنِ،
ٻَہ واٽا لُوڻَ جا، ٽِيون واٽو اَنَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 32 ]
ٻَہ واٽا لُوڻَ جا، ٽِيون واٽو اَنَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 32 ]
وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
کِوَڻِ ٿِي کِواءِ، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي،
ھَڪَلَ ھِنيَين لاءِ، سُڄي جَا سَمُنڊَ جِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 7 ]
ھَڪَلَ ھِنيَين لاءِ، سُڄي جَا سَمُنڊَ جِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 7 ]
وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي،
سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا، ڇِنِي تَندُ تَڻِي،
لائِيندِيَيسِ لِڱَنِ کي، سَندِي پِرِينءَ پڻيِ،
وِڌائُون اُتَرَ آسِري، کُوھا ڪالَهہ کَڻِي،
اللهَ ڀَڃُ مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
وَکَرُ چاڙِھِيو ٻيڙِيين، وَڻِجارَنِ وَڻِي،
اُنِ سين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ميڙِيندُمِ ڌَڻي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 11 ]

مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪِيمَ مَرَنِ،
ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ،
جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 27 ]
ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ،
جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 27 ]
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي،
ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي،
سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،
مَوجُون مُنجهائي، مَڇُڻ مارِينَئِي مَھِراڻَ جُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 19 ]
ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي،
سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،
مَوجُون مُنجهائي، مَڇُڻ مارِينَئِي مَھِراڻَ جُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 19 ]
ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، پيرين پَنڌُ وِسارِ،
قاصِداڻِي ڪارِ، ڪِينَ رَساڻي ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 14 ]
قاصِداڻِي ڪارِ، ڪِينَ رَساڻي ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 14 ]
ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، پيرين ڪَرِ مَ پَنڌُ،
رائي پُڇُ مَ رَندُ، رِڙِھُ رُوحانِي سَسُئِي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 15 ]
رائي پُڇُ مَ رَندُ، رِڙِھُ رُوحانِي سَسُئِي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 15 ]
English Meaning
Cordial, Innermost, by own-self, by heart, with whole existence