ھَئَي جي سنڌي معنيٰ
ھاءِ، ماتم وارو لفظ، رڙ ڪوڪرو، آھ و فغان، دانھن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Oh! Haye, Aah (sounds of vows)
ھَئَي جا بيتن ۾ حوالا
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
ھَئَي ٻَرِ اڱارَنِ ٻَڏائِين ٻَرَنِ جٖي،
ھِڪِڙا کُوري کانيا، ٻِئو ڌُوڌي مَنجِهہ ڌَڳَنِ،
اَڃا لُھارَنِ، ميڙي رَکِئا مَچَ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 22 ]
ھِڪِڙا کُوري کانيا، ٻِئو ڌُوڌي مَنجِهہ ڌَڳَنِ،
اَڃا لُھارَنِ، ميڙي رَکِئا مَچَ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 22 ]
وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ سَنبِران،
اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 3 ]
اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 3 ]
تارُو تَرِيو وَڃَنِ، نَنڍا وَڏا واھُڙا،
ھَئَي ٻَرِ اَتارُنِ، ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 2 ]
ھَئَي ٻَرِ اَتارُنِ، ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 2 ]
گهَڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئِي، وِئا وَسِيلا،
سارَ ڇَڏِيائِين سِيرَ ۾، ھَئَي وِئا حِيلا،
سُهڻِيءَ جا سِيلا، وَحدَتَ سَڀَ وِڃايا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 29 ]
سارَ ڇَڏِيائِين سِيرَ ۾، ھَئَي وِئا حِيلا،
سُهڻِيءَ جا سِيلا، وَحدَتَ سَڀَ وِڃايا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 29 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جَڏِي زالَ،
توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِئو، ھَئَي ھِيڻِيءَ جي حالَ،
جُکِي ريءَ جَمالَ، اَگِهي ٿِي آھُون ڪَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 4 ]
توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِئو، ھَئَي ھِيڻِيءَ جي حالَ،
جُکِي ريءَ جَمالَ، اَگِهي ٿِي آھُون ڪَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 4 ]
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، ھَئَي جٖي حُسينُ ھو،
پھرِين ڀيري ڀاءُ تي، پَتَنگَ جِيئَن پِئو،
آھي ڪيرُ ٻِئو، جَو ھَلان ڪَري حُسينَ تي.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 8 ]
پھرِين ڀيري ڀاءُ تي، پَتَنگَ جِيئَن پِئو،
آھي ڪيرُ ٻِئو، جَو ھَلان ڪَري حُسينَ تي.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 8 ]
مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا،
دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي،
شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ سيجَ نَہ ماڻي،
اَنُ نَہ پاڻِي اُنِ کي، نَڪو وَٺَڙُنِ مِينھُن،
ھُئا سَٽاڻِيءَ جَنگِ ۾، ڏَھَ راتِيُون ڏَھَ ڏِينھَن.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 4 ]

ھَئَي ماتامُ ٻَرِ ماتامُ،
اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ،
روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو،
جيڪِي اِمامِنِ سين ٿِئو، سو پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 5 ]
اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ،
روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو،
جيڪِي اِمامِنِ سين ٿِئو، سو پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 5 ]
سَسُئِي سَڄِيائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي،
سَڄُئِي پيتائِين پُنُوھَ کي، ھَئَي نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ،
اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏِني اُڃَ نَہ لَھي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 4 ]
سَڄُئِي پيتائِين پُنُوھَ کي، ھَئَي نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ،
اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏِني اُڃَ نَہ لَھي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 4 ]
English Meaning
Oh! Haye, Aah (sounds of vows)