ھاٿِي جي سنڌي معنيٰ
ھڪ مشھُور جانور. فِيل، پيل، هستي، گَجُ، گينوَرُ، ڪُنجَلُ، ڪَنجَرُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
An elephant.
ھاٿِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڏَرِ نَہ ڪاتِي، جَنھِن سين ٽَڪَرُ ٽاڪِئان،
جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو ھيبَتَ جو ھاٿِي،
پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 8 ]
جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو ھيبَتَ جو ھاٿِي،
پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 8 ]
مُوران ماٺو نَہ ٿِيي، تازِي جو توڙان،
ھاٿِي جي ھِيڻُو وَھي، تَہ گهَڻَ مُلُهو گهوڙان.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 2 ]
ھاٿِي جي ھِيڻُو وَھي، تَہ گهَڻَ مُلُهو گهوڙان.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 2 ]
ھاٿِي ھِمَٿَ سين ھَڻي، ھَرَڻا ھَٿُ نَہ ڏي،
سامُهُون اَچي جَنِ کي، سي نِھوڙي نَي،
اِنَ ڪيھَرِ ڪَنان ڪي، ڀَڳا ڀاڳين اُبَهَنِ.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 13 ]
سامُهُون اَچي جَنِ کي، سي نِھوڙي نَي،
اِنَ ڪيھَرِ ڪَنان ڪي، ڀَڳا ڀاڳين اُبَهَنِ.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 13 ]
سَنَها ڀانءِ مَ سَپَ، وِياءَ واسِينگَنِ جا،
لَتاڙِئا لَطِيفُ چئَي، چُرِئو ھَڻَنِ چَڪَ،
جَنِي جِي جَهڙَپَ، ھاٿِي ھَنڌان نَہ چُري.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 10 ]

اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ سَنَها ئِي پيٽَ،
تَنِي سَندِيءَ ڏيٺِ، ھاٿِي ھَنڌان نَہ چُري.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 11 ]
تَنِي سَندِيءَ ڏيٺِ، ھاٿِي ھَنڌان نَہ چُري.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 11 ]
English Meaning
An elephant.