ڳاٽُ جي سنڌي معنيٰ
ماڻهوءَ جي جسم جو هڪ عضوو، ڪَنڌُ، ڳاٽو، ڳِٿَرَ، گردن، ڳچي، سسي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The throat, neck.
ڳاٽُ جا بيتن ۾ حوالا
ڏاتَرَ ڏاتَرَ ويندِي مُنڌَ ميھارَ ڏي، مَٿي لَھرِنِ ڳاٽُ،
نَہ گهَڙي نَہ سُهڻِيءَ، نَڪو ڏوھُ ڪُنڀارَ،
گُهرِءَ تُنھِنجي گهيڙيِ، آڻي مَٿي آرَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 20 ]
نَہ گهَڙي نَہ سُهڻِيءَ، نَڪو ڏوھُ ڪُنڀارَ،
گُهرِءَ تُنھِنجي گهيڙيِ، آڻي مَٿي آرَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 20 ]
ڳوڙَھَنِ ڳاٽُ ڀَري، جان آيَسِ اَڳُوڻِيءَ ھيرَ،
تان نَہ آتَڻُ نَہ جيڏِيُون، پَلَنگِ ڏِيان ڪيئن پيرَ،
ھاڻ گهيڙ گهُمَندِي ڪيرَ، جِيئَن سَرَتِيُنِ سانگُ سِڌارِئو
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 21 ]
تان نَہ آتَڻُ نَہ جيڏِيُون، پَلَنگِ ڏِيان ڪيئن پيرَ،
ھاڻ گهيڙ گهُمَندِي ڪيرَ، جِيئَن سَرَتِيُنِ سانگُ سِڌارِئو
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 21 ]
تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِھارِجِ سُڀَرو،
ڏِيندُءِ لَکَ لَطِيفُ چئَي، راڄِ راھُوءَ جي رَسُ،
وِلِها جَنھِن وَنِھِئان ڪِئا، پاڳَ تَنھِين جي پَسُ،
ڪوڙيِين لاھي ڪَسُ، جُھ ڳالَهائي ڳاٽُ کَڻِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 13 ]