ڪُنڍِيُون جي سنڌي معنيٰ
مڇيءَ مارڻ لاءِ ڌاتوءَ مان ٺاھيل ڪنڍيون
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hooks, fishing needles
ڪُنڍِيُون جا بيتن ۾ حوالا
جَا مُھاڙَ ميھارَ، سا مينھِيَنِ نَہ ٿِي،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارَ، ڪِيئَن لَنگهَندِيُون ڪُنڍِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 19 ]
ڪَپَرُ ڪارُونڀارَ، ڪِيئَن لَنگهَندِيُون ڪُنڍِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 19 ]
اللهَ سَڀَ جِيَنِ، مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون،
ڪارِيُون، ڪُنڍِيُون، ڪَڪِيُون، وارا ڪِئو وِيَنِ،
جُوءِ جَا جادارَنِ جي، اُتِ ٻيلا ٻَھَ ٻَھَ ڪَنِ،
اَچِي ريلَ رَھَنِ، مُون سانڀارا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 25 ]
ڪارِيُون، ڪُنڍِيُون، ڪَڪِيُون، وارا ڪِئو وِيَنِ،
جُوءِ جَا جادارَنِ جي، اُتِ ٻيلا ٻَھَ ٻَھَ ڪَنِ،
اَچِي ريلَ رَھَنِ، مُون سانڀارا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 25 ]
واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن کَنڀاتَ،
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
وانءُ ڪُنڍِيُون ڪاھي، سيڙِھي سَنگهارَنِ جي،
مِينھُن نَہ مَٽائي، اُنِهين سَندا پَکَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 19 ]
مِينھُن نَہ مَٽائي، اُنِهين سَندا پَکَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 19 ]
جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا.
ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ.
ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِئان اَڇَ.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چي، سَڀَ لَگِهيندا ڇَڇَ.
[ سُر گهاتو، وايون، 2 ]