ڪَڙِھي جي سنڌي معنيٰ
سڙي، جلي، ڀسم ٿي، ڪڙهي ڪوئلو ٿي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Burnt, became ashes.
ڪَڙِھي جا بيتن ۾ حوالا
ڪَڙِھي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾ پيرُ پُنهونءَ جو،
سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لاءِ جَڙي،
لَڪَنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جَهڙي،
پَڻِيءَ تان نَہ پَڙي، جَي عُمِرِ سَڀَ اِيئَن ڪَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 20 ]
سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لاءِ جَڙي،
لَڪَنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جَهڙي،
پَڻِيءَ تان نَہ پَڙي، جَي عُمِرِ سَڀَ اِيئَن ڪَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 20 ]
پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،
پاڻُ پَسي ڦٽِئو، ٿِي ڪَڙِھي ڪيچِيَنِ کي،
ھاڙِھو ھوتَ پَري، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن لنگهِئا.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 18 ]
پاڻُ پَسي ڦٽِئو، ٿِي ڪَڙِھي ڪيچِيَنِ کي،
ھاڙِھو ھوتَ پَري، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن لنگهِئا.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 18 ]
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، لُوٺو لُڊاڻو،
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو،
ڪِجي نَہ ماڻو، مِيان مُحتاجَنِ سين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 17 ]
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو،
ڪِجي نَہ ماڻو، مِيان مُحتاجَنِ سين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 17 ]
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا رَنگَ رَتولَ ،
تو پُڄاڻا سُپِرِين، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ،
جي مُون سين ڪِيَئِي قولَ، سي سِگها پارِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 18 ]
تو پُڄاڻا سُپِرِين، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ،
جي مُون سين ڪِيَئِي قولَ، سي سِگها پارِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 18 ]
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا مَحَلَ ماڳَ،
سوڍي جي سَرَتِيُون، وِڌِيَسِ وَھَ ويراڳَ،
سُورَنِ لايا ساڳَ سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 19 ]
سوڍي جي سَرَتِيُون، وِڌِيَسِ وَھَ ويراڳَ،
سُورَنِ لايا ساڳَ سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 19 ]
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، جَلِي مُنھِنجِي جانِ،
رَکِي ڪامَ ڪَڻِڪِئو، مارِيَسِ تَنھِن گُمانَ،
ھَڏِ نَہ جِيئان ھاڻِ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 20 ]
رَکِي ڪامَ ڪَڻِڪِئو، مارِيَسِ تَنھِن گُمانَ،
ھَڏِ نَہ جِيئان ھاڻِ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 20 ]
English Meaning
Burnt, became ashes.