ڪافِرُ جي سنڌي معنيٰ
خدا کان ڦريل، خدا جو منڪر، ڪُفر ڪندڙ. معشوق، صنم، من، دلرُبا. ظالمُ، شوخُ، بي رحم، ڪَٺورُ، سنگدل، جفاڪشُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A heretic, infidel, idolator.
ڪافِرُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَلمُو پَڙَهان تَہ ڪافِرُ ٿِيان، ڪَلمُو پَڙهي ڪيرُ،
جيڏانھَن راھَ رَسُولَ جِي، تيڏانھَن ڀَريان نَہ پيرُ،
مُون تَنِ سين ويرُ، جَنِ جو ڪَمُ قُريشِيءَ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 28 ]
جيڏانھَن راھَ رَسُولَ جِي، تيڏانھَن ڀَريان نَہ پيرُ،
مُون تَنِ سين ويرُ، جَنِ جو ڪَمُ قُريشِيءَ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 28 ]
ڪُوڙو تُون ڪُفُرَ سين، ڪافِرُ مَ ڪوٺاءِ،
ھِندُو ھَڏِ نَہ آھِين، جَڻِيُو تو نَہ جُڳاءِ،
تِلِڪُ تَنِي لاءِ، سَچا جي شِرڪَ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 23 ]
ھِندُو ھَڏِ نَہ آھِين، جَڻِيُو تو نَہ جُڳاءِ،
تِلِڪُ تَنِي لاءِ، سَچا جي شِرڪَ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 23 ]
ڪافِرُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين، بابَ شَرَعَ جا ڇَڏِ،
مَنُ مُشرِڪَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 24 ]
مَنُ مُشرِڪَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 24 ]
عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو،
حُسُنُ پَسِئو حَقَ جو، خامِي ڀانئِين خامُ،
اَچي ٿِئا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 22 ]
حُسُنُ پَسِئو حَقَ جو، خامِي ڀانئِين خامُ،
اَچي ٿِئا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 22 ]
English Meaning
A heretic, infidel, idolator.