ڌَڪَ جي سنڌي معنيٰ
زخم، ڦَٽَ، رَهڙَ، گهاءَ. سَٽِڪا. ٺوڪرون، ٺينسون، چِپيٽَ، پڇاڙَ ٺوڪَ، ٽَڪَر. صدما، نقصان، ڇيھا، زيان، تاوان. برباديون، نااُميديون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Blows, injuries, strokes, hurt, wounds, bruises, shocks, strokes of misfortune, losses, damages.
ڌَڪَ جا بيتن ۾ حوالا
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن،
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ،
ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان جي دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 14 ]
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ،
ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان جي دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 14 ]
سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا،
وَمَ وِھاٽِي ووڙي، ڪوھِيارِي ڪِڙڪَ،
ڌَڙَ ڌُوڻِئو تَنھِن ڌَڪَ، جَڏِي جِيئَڻُ نَہ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 7 ]
وَمَ وِھاٽِي ووڙي، ڪوھِيارِي ڪِڙڪَ،
ڌَڙَ ڌُوڻِئو تَنھِن ڌَڪَ، جَڏِي جِيئَڻُ نَہ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 7 ]
اُوٺِي مَٿي لَڪَ، مُون ٻاروچا ڀانيا،
تازو پيرُ پُنهونءَ جو، نَہ ڪَنھِن جهورِئو جَهڪَ،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ڌَڙُ ڌُڻِئو تَنھِن ڌَڪَ،
ڪانُ ڪوھِيارِي جو ھَنيو، رُئاڙِيُسِ اُنَهِيءَ رُڪَ،
آگا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون کي ھادِي ميڙِيين حَقَ.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 26 ]

چاڪَ اُڀرِئا، ڪُو ماڻا ڪَڙِيُون ڪَري،
لَڳي ڌَڪَ لَڪَنِ سين، چُرِي چاڪَ پِئا،
ڏيرَنِ ٻِئا ڏِنا، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 11 ]