چَمِڙو جي سنڌي معنيٰ
کَلَ ، چَمُ ، چَمڙي. ڇوڙو. آڌوڙ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A piece of leather.
چَمِڙو جا بيتن ۾ حوالا
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ مُنھَن ۾ مُنڊائُون پاءِ،
ڪَنَنِ ڪِينَ وِڃائِيو، جَنِ ۾ ڪوري ڪَڪَرَ وِڌاءِ،
ڇَڏِ چادَرَ ٻَنِ چَمِڙو، جُتِي تو نَہ جُڳاءِ،
سامِيڙا سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نَہ ٿِيي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 6 ]

بييُون بَرتَنُ ناھِ ڪو، کِدا تان نَہ کَڻَن،
نَہ گُلُوبَندُ نَہ گودَڙِي، نَہ ڌاڳو ڌَڙڪِنِ،
چَڪَرُ چَمِڙو چيلِهہ تي، ٻَهڳُڻَ ڪونَہ ٻَڌَن،
تَرَڪ الْدُنِیاْ وَاْجِب ، اِيءَ عادَتَ عارِفَنِ،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 2 ]