چَمُ جي سنڌي معنيٰ
کَلَ، چَمڙي، پوست. چَمڙو، ڇوڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Skin, leather, demise, cutis
چَمُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪاتِي جا قَرِيبَ جِي، ھَڏُ چِيري چَمُ،
عاشِقَنِ پَنھِنجو اَنگُ، لِلهِ ڪارَڻِ وَڍِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 13 ]
عاشِقَنِ پَنھِنجو اَنگُ، لِلهِ ڪارَڻِ وَڍِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 13 ]
پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوھُ ڪَرِيندو ڏَمُ،
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ تان.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 7 ]
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ تان.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 7 ]
چِيري چِيري چَمُ، لُوڻُ لِڱَنِ لائِيين،
مُون ڪُرَ اَڳي نَہ ڪِئو، اِهَڙو ڪوجهو ڪَمُ،
جانۡ جانۡ دَعويٰ دَمُ، تانۡ تانۡ پِرتِ پَنوهارَ سين.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 4 ]
مُون ڪُرَ اَڳي نَہ ڪِئو، اِهَڙو ڪوجهو ڪَمُ،
جانۡ جانۡ دَعويٰ دَمُ، تانۡ تانۡ پِرتِ پَنوهارَ سين.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 4 ]
اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سانڍِڻُ ڪَمُ،
سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي نَہ پَڙي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 31 ]
سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي نَہ پَڙي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 31 ]
English Meaning
Skin, leather, demise, cutis
چَمُ ٻول جا زمرا