چاڪَ جي سنڌي معنيٰ
چيڪَ، چَھڪَ، ڦاڙَ، ڏَرَ. زخم، گها. پراڻا زخم. وڏا ڦَٽ. قميص وغيرہ جون اُهي جايون جتي ٻہ ڏَرَ پاڻ ۾ مِلن، تاڪ، ڏَرَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cuts, tears, fissures, lacerations, ulcers
چاڪَ جا بيتن ۾ حوالا
چاڪَ اُڀرِئا، ڪُو ماڻا ڪَڙِيُون ڪَري،
لَڳي ڌَڪَ لَڪَنِ سين، چُرِي چاڪَ پِئا،
ڏيرَنِ ٻِئا ڏِنا، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 11 ]
لَڳي ڌَڪَ لَڪَنِ سين، چُرِي چاڪَ پِئا،
ڏيرَنِ ٻِئا ڏِنا، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 11 ]
عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو،
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
ديڳِيين دوڳَ ڪَڙَھنِ، ڪَڙِيءَ ڪَڙَڪو نَہ لَھي،
تِتي طَبِيبَنِ چاڪَ چِڪَندا ڇَڏِئا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 28 ]
تِتي طَبِيبَنِ چاڪَ چِڪَندا ڇَڏِئا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 28 ]
واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪِھَڙي دانھَن،
ويڄَ وَرائي ٻانھَن، چوري چاڪَ نِھارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 16 ]
ويڄَ وَرائي ٻانھَن، چوري چاڪَ نِھارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 16 ]
تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو،
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
ڪُوماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، چاڪَ اُڀَرِئامِ،
واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 28 ]
واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 28 ]
جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ رَکُ،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، چاڪَ چُٽِڪا چَکُ،
سُورِي ڀانءِ مَ شَڪُ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 7 ]
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، چاڪَ چُٽِڪا چَکُ،
سُورِي ڀانءِ مَ شَڪُ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 7 ]
ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھاڪَ، سُتي سَنڀارَنِ جِي،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، چَڙَنِ چورِئا چاڪَ،
تَنِي جِيءَ اوطاقَ، وَڃَڻُ واجِبُ مُون پِئو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 12 ]
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، چَڙَنِ چورِئا چاڪَ،
تَنِي جِيءَ اوطاقَ، وَڃَڻُ واجِبُ مُون پِئو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 12 ]
ڇُلان مَنجِهمِ نَہ ڇاڪَ، پُران پُونِمِ پُرڪَڻا،
مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مَذاقَ،
چِتُ سَندو مُون چاڪَ، ھاڙِھي ھَڏِ ھَڻِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 18 ]
مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مَذاقَ،
چِتُ سَندو مُون چاڪَ، ھاڙِھي ھَڏِ ھَڻِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 18 ]
اَڄُ پُڻ وَسائِي اوٺِيين، مَٿي مارَڳَ ماڪَ،
پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃي تاڪَ،
هَيْھَاتَ هَيْھَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ سُڃِي ٿِي اوطاقَ،
چُڪِيءَ چوري چاڪَ، ھاڙِھي ھوتَ ھَلِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 4 ]