ڀانءِ جي سنڌي معنيٰ
ڄاڻ. خيال ڪر. ويچار، سوچ. گمان ڪر. فرض ڪر، کڻي سمجهہ، گهُر، چاھ. پسند ڪر، پيار ڪر. سمجهہ. محسوس ڪر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Think, imagine. To like, have a liking for, regard, esteem.
ڀانءِ جا بيتن ۾ حوالا
جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ رَکُ،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، چاڪَ چُٽِڪا چَکُ،
سُورِي ڀانءِ مَ شَڪُ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 7 ]

ڪَسَرَ ڇَڏِ ڪَنواٽَ، وِکون وِجُهہ وَڌَندِيُون،
سَنئين سُپَيرِيَن جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ،
ڇَڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 8 ]

راتِ ڏِٺائِين روجَهہ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا،
پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ،
ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 2 ]

روجَهہ ڏِٺائِين راتِ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا،
ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ،
ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ وِسَري.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 3 ]

ڪَڪورِي ڪاڪِ وَھي راڻا ڀانءِ مَ رَتُ،
سوڍا اِيءُ شَربَتُ، نِسوروئي نِينھَن جو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 25 ]

کُوءِ گودَڙَ ٻَنِ گَبرِيُن، نيئِي کِدائُون کانءِ،
جيڏاھِين جوڳُ وِئو، نيڻَ تيڏاھِين پاءِ،
ڀورا اِيَھِين ڀانءِ، تَہ سِڱِي شامَتَ ھَٽَ جِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 14 ]

جهورِي جِهڄَڻُ جهانءِ مُون جَنِي جو نَہ لَھي
آيَلِ اِيئَن مَ ڀانءِ، تَہ آئُون جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 13 ]

سَنَها ڀانءِ مَ سَپَ، سُڪا جَنِي پيٽَ،
جَنِي جِي چَپيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 9 ]
جَنِي جِي چَپيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 9 ]
سَنَها ڀانءِ مَ سَپَ، وِياءَ واسِينگَنِ جا،
لَتاڙِئا لَطِيفُ چئَي، چُرِئو ھَڻَنِ چَڪَ،
جَنِي جِي جَهڙَپَ، ھاٿِي ھَنڌان نَہ چُري.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 10 ]