پُڇَنِ جي سنڌي معنيٰ
پڇا ڪن، دريافت ڪن. ذري ذري جي واقفيت معلوم ڪن، معلوم ڪن، سوال ڪن،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To ask, inquire, interrogate.
پُڇَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ،
اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ،
نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي تَرِن،
سِڪَ رَساڻي سُهڻِي، اَصلِ عاشِقَنِ،
سي جَهلِيُون ڪِينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 38 ]

جِئان وَھي تِئان واٽَ، ڪَپرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،
جَنِ کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَہ پُڇَنِ گهاٽَ،
جَنِ کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واھُڙُ ڀائِينِ وِکڙِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 4 ]

جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي، تِيئَن جَي پُڇَنِ اللهُ،
رِڙِھي لَڌائُون راھُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 12 ]

جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي، تِيئَن جي پُڇَنِ پَنڌُ،
رِڙھِي لَڌائُون، رَندُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 13 ]

اَصلِ عاشِقَ پانھِنجي، سِسِي نَہ سانڍِينِ،
لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 30 ]

پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو،
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]

پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي سي ميھارُ،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اي پَرُوڙِجِ پارُ،
تُرَھو تَنِي بارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 39 ]

جِئان گِهڙي تِئانِ گهيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،
ڏَمَ سين جُسو ظاھِرا، مَنَ ميھارَ سين ميڙُ،
سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 3 ]

سُڪِيءَ ٻُڏَنِ جٖي، ساھَڙُ ڏانِي تَنِ جو،
لَهرِنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، ڪُلَهنِ چاڙِھِئو نِئي،
جٖي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تَنِ اُماڻي اوڏو ڪَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 15 ]

ڳِجهُون ڳاڙھي واتِ، اَڄُ اُڏامِي آيُون،
پُڇَنِ ٿيُون پِرڀاتِ، ڪِٿي راوَتَ رانِئيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 4 ]