ٻُوۡرُ جي سنڌي معنيٰ
نوجوان يا نويل اُٺ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Young camel.
ٻُوۡرُ جا بيتن ۾ حوالا
آئُون اُڪَنڊِيائِي مَران، پِرِين ڀَلا پَرَ ڏُورِ،
ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ، پَنڌَ نَہ جوڳِي پِيَڙِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 23 ]
ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ، پَنڌَ نَہ جوڳِي پِيَڙِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 23 ]
ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري،
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
اَڃا ٻُوۡرُ ٻِھاڻُ، ڌَڻِيَنِ ھَٿِ ڪِئو،
سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ،
پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 53 ]
سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ،
پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 53 ]
اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏا مُون ڏُورِ،
سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ،
جَنھِن تي چَڙِهي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَھٽِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 7 ]
سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ،
جَنھِن تي چَڙِهي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَھٽِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 7 ]
English Meaning
Young camel.