وِماسَ جي سنڌي معنيٰ
ڳڻتي، فڪر، چنتا، ويچار، غور، سوچ، پريشاني، حيراني. ڳڻ ڳوت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Concern, thought, worry, worrisome, anxiety.
وِماسَ جا بيتن ۾ حوالا
لَھِرِيين لَکَ لِباسَ، پاڻِيءَ پَسَڻُ ھيڪِڙو،
اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ،
جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ پَنھِنجي خاصَ،
تَرَڻَ جِي تَلاشَ، لاھِ تَہ لالَڻَ لَڳِ ٿِيين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 11 ]
اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ،
جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ پَنھِنجي خاصَ،
تَرَڻَ جِي تَلاشَ، لاھِ تَہ لالَڻَ لَڳِ ٿِيين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 11 ]
مِيين ۽ مَڱڻي، ڪا جَا ڳالِهہ ڳُجِهي،
سا ٻائِنِ دائِنِ ٻانِهنِ، سوجهي تان نَہ سُجِهي،
پِئا وِيرَ وِماسَ ۾، عاقِلَ وِئا اُجِهي،
ڪوڙيِين جِي ڪَرِيمَ ري، ويئِي مَتِ مُنجِهي،
ھِڪَ ٻِيجَلِئي ٻُجِهي، ٻِي خَبَرَ آھِ کَنگهارَ کي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 9 ]

سُڪو ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ ڏِنِي ڪَرَ،
جَنِ جي پاڳُنِ ۾ پَرَ، سي پِئا وِيرَ وِماسَ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 9 ]
جَنِ جي پاڳُنِ ۾ پَرَ، سي پِئا وِيرَ وِماسَ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 9 ]
ڍورُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، مَھِندِ مَلاحَنِ لَکِئو،
موڙي چُرِئا مَڪُرا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ،
جَسودَنَ جِھَڙا يارَ، پِئا ويرَ وِماسَ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 8 ]
موڙي چُرِئا مَڪُرا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ،
جَسودَنَ جِھَڙا يارَ، پِئا ويرَ وِماسَ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 8 ]
English Meaning
Concern, thought, worry, worrisome, anxiety.