وَڻَ ٽِڻَ جي سنڌي معنيٰ
وڻن جو ميڙ، وڻ، ٻوٽا، وڻراءِ، وڻڪار. ٻوٽا ٻوٽيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Trees, bushes and trees. Bunch of trees.
وَڻَ ٽِڻَ جا بيتن ۾ حوالا
جَرِ تَڙِ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُٽِيُون،
اَلا ڪانڌُ اَچي، آسائِتي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 23 ]
اَلا ڪانڌُ اَچي، آسائِتي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 23 ]
جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوارَ، وَڻَ ٽِڻَ وائِي ھيڪَڙِي،
سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ،
ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 1 ]
سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ،
ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 1 ]
ساوَڻَ لَهرِيُون ريجَ، وَڻَ ٽِڻَ وارِيءَ وارَ،
مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪِئا، اُنِهِئائِين اَپارَ.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 25 ]
مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪِئا، اُنِهِئائِين اَپارَ.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 25 ]
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ،
وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 15 ]
وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 15 ]
ڍَرَنِ تِتِ ٻَرَنِ، ڪوڙيِين قَندِيلَنِ جُون،
رَھَنِ ڪَٽي ڪَنڌِيين، بوتا مَنجِهہ بَرَنِ،
وَڻَ ٽِڻَ ڦُلَنِ ڇانيا، چانگا جِتِ چَرَنِ،
وَڃِي مانَ وَرَنِ، ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 18 ]
رَھَنِ ڪَٽي ڪَنڌِيين، بوتا مَنجِهہ بَرَنِ،
وَڻَ ٽِڻَ ڦُلَنِ ڇانيا، چانگا جِتِ چَرَنِ،
وَڃِي مانَ وَرَنِ، ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 18 ]
راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين آيو پاڻَ،
اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ،
وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،
پَرَچِي آيو پاڻَ، ڪاڪِ قَرارِئو وَلَهو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 12 ]
اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ،
وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،
پَرَچِي آيو پاڻَ، ڪاڪِ قَرارِئو وَلَهو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 12 ]
ڪا مُون مُڇيجاھُ، گهَڻِيُون گهُربِيان اوٺِيا،
ھِي وَڻَ نَہ لَھَنداھُ ھُو وَڻَ اوڏاھِين گَهڻا.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 7 ]
ھِي وَڻَ نَہ لَھَنداھُ ھُو وَڻَ اوڏاھِين گَهڻا.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 7 ]
لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو،
آيُمِ آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ،
مِرُون کينِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلَندا ھوتَ ڏي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 8 ]
آيُمِ آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ،
مِرُون کينِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلَندا ھوتَ ڏي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 8 ]
گِلا ڪا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾،
جَنھِن وَڻَ ھيٺان ھَلِئا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَري،
لامُون تَنھِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان لايان ڳَري،
جَو سِينگارُ سَرَتِيين، سو مُون ناھِ ڳَري،
جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، وَڃان پيرَ ڀَري،
قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، ڪَنھِن کي ڪِينَ ٽَري،
جيڪِي لِکئو لوحَ قَلَمَ ۾، پارِيان سو پَري.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 1 ]

تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا،
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]