وَڏا جي سنڌي معنيٰ
اَتم، اعليٰ، اعظم، شاهي، بيحد. وڏي قد وارو. بلڪل وڏو، جُنگ، جاڏو، عاليشان، خانداني، مشهور، ناليرو، نامور، مشهور. سَر، سڀ کان مٿي،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Big, large, tall, huge, superior, senior, elder, grand, adult.
وَڏا جا بيتن ۾ حوالا
ويڄَ مَ مُون وَٽِ ويھُ، آيا جانِي مُون گهَرِ آيا، آيا ھادِي،
ويڄَنِ وَڏا ئِي وَسَ ڪِئا، مَرضَ مُنھِنجي کي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جي، سَندو رَحمَتَ ريھُ،
مَرُ چَڱِيائِي نَہ ٿِيان، ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي،
ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين، اَڱَڻِ شالَ اَچي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 2 ]

ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ،
پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ،
جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي ڀَئُہ مَ ڏي ڀَتارُ،
جيڏاھَن مُنھُن مَدِيني جو، سُڄي مُحَّمَدُ موچارُ،
نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀَ پَسَندا پارُ،
سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 24 ]

تارُو تَرِيو وَڃَنِ، نَنڍا وَڏا واھُڙا،
ھَئَي ٻَرِ اَتارُنِ، ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 2 ]
ھَئَي ٻَرِ اَتارُنِ، ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 2 ]
کاري کيڙائُو مِٺي مُورِ نَہ موٽِئا،
سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو،
موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لُوٽي آيا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 26 ]
سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو،
موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لُوٽي آيا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 26 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ،
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏا ٻيڙا ٻارَ ۾، ھَلِئا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرِزو پَيدا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جَو قَھَرُ ڪُنَ ۾، وِئا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتارُنِ، اَچِي ساھَڙَ سِيرَ لنگِهائِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 15 ]

ڌَڌِڪا دَورَ دَرياھَ ۾، جَڏھِن ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪِياءِ،
ساوَڻَ ۾ سَيِّدُ چئَي، وَڏا مُلِڪَ مَڻِياءِ،
ھاڻي ھيٺاھِينءَ وَھين، جَمِيعَتَ ڪَريو جاءِ،
ھُو بِہ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي بہ سائِرَ سَنبِرين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 34 ]
ساوَڻَ ۾ سَيِّدُ چئَي، وَڏا مُلِڪَ مَڻِياءِ،
ھاڻي ھيٺاھِينءَ وَھين، جَمِيعَتَ ڪَريو جاءِ،
ھُو بِہ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي بہ سائِرَ سَنبِرين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 34 ]
ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران،
چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران،
اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس آن مَٿان،
لَا يُڪَلِّفُ اللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا ، ڪَندُسِ وَسَ وَڏا،
گهوٽَ پِہ لَڳا گهاءَ، اِي پُڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 1 ]

مَرُ مَرين آئُون رُئين، موٽِي آءُ مَ ڪانڌَ،
ڪَچَن وَڏا پاندَ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 15 ]
ڪَچَن وَڏا پاندَ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 15 ]
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ جهائُو جهمَرُ جَهرَ،
ڪوسا تَپَنِ ڪَڪِرا، ٻِي ڌَمڌَمِ تَپي ڌَرَ،
ويچارِي ڏي وَرَ، پيرُ نَہ لَھي پِرِينءَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 11 ]
ڪوسا تَپَنِ ڪَڪِرا، ٻِي ڌَمڌَمِ تَپي ڌَرَ،
ويچارِي ڏي وَرَ، پيرُ نَہ لَھي پِرِينءَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 11 ]
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪِئا ھيڪَلِيُن حِيلا،
جِتِ ڪُڙِمَ نَہ قَبِيلا، تِتِ رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 12 ]