واڌايُون جي سنڌي معنيٰ
مبارڪون، کيرون. خوشخبريون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Congratulations. Good wishes, greetings.
واڌايُون جا بيتن ۾ حوالا
ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ سُونھين جٖي،
آيُون تَنِي کي، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 8 ]
آيُون تَنِي کي، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 8 ]
وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ جُون،
اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي،
وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 17 ]
اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي،
وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 17 ]
جَي قِيامَ مِڙَنِ، تَہ ڪَرَ اوڏا سُپِرِين،
تِھان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 28 ]
تِھان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 28 ]
سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي وِچان سِجُ،
مُنھِن چَڙِهئو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُ،
ھِينئَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 10 ]
مُنھِن چَڙِهئو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُ،
ھِينئَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 10 ]
آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واھَ،
مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سَرَھايُون ساھَ،
آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنھِنجا سابِ پِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 17 ]
مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سَرَھايُون ساھَ،
آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنھِنجا سابِ پِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 17 ]
اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِيئَن واڌايُون آيُون،
لَٿِي لَووَرياڙِيين، مِڙَنِي مُنھَن ڪاڻِ،
صُلِحُ وارِئو سُومَري، چَيو پَنوَهارَنِ پاڻِ،
حَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُھتُ لَھَندِينءَ مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 6 ]