نِظاري جي سنڌي معنيٰ
چٽو پڌرو، ظاھر ظھور، ميدان تي، پڌري پٽ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Viewing, looking, prospect, an open view, a place which affords an extensive prospect, splendor, beauty.
نِظاري جا بيتن ۾ حوالا
سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 5 ]
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 5 ]
سُورِي سِينگاري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،
لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٿِئا نيزي نِظاري،
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 6 ]
لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٿِئا نيزي نِظاري،
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 6 ]
سَڄَڻُ سِينگاري، ڪِئائُون مُھاڙَ مُقامَ ڏي،
کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري،
سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا ڌُوڙِ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 19 ]