نِجُهرو جي سنڌي معنيٰ
جهوپڙي، ڀونگي، جهڳو، مڪان، اَجهو. وستي، وسندي، وسنھن .
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cottage, home, house, place.
نِجُهرو جا بيتن ۾ حوالا
واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ،
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]

رَھِيو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورِئان نِجُهرو،
لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ،
ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي آڳِ،
ھوتاڻِي ھِنَ ماڳِ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 1 ]

عَدَمُ اوتارونِ، نااُميدِي نِجُهرو،
رَضا راڄُ سَندونِ، ٻِئو مُوران مَڱَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 20 ]

ھاڻِ اِيندو ھاڻِ اِيندو، مُنھِنجو سَڄَڻُ سائِين،
نِماڻِيءَ جو نِجُهرو، پاسي پاڻَ اَڏِيندو،
مَٿان لَڪَنِ ساٿَڙو، صَحِي سَلامَتَ نِيندو،
آڱُرِ لائي اَنڌِيُون، نيئِي وَسِينءَ ۾ وِجَهندو،
مَھِندِ ٿِيندو مُصطَفيٰ، پُٺِيءَ لوڪُ لَنگهِيندو.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 3 ]