مَسَ جي سنڌي معنيٰ
مشڪل سان، لاچار، اڃا. فقط. وِرلي، ٿورو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hardly, once in times, only, sometimes.
مَسَ جا بيتن ۾ حوالا
دُدَسَتِي دُپيرَ، سِيني سَنگهَرَ رُڪَ جِي،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تازي ڦُلَنِ ھيرَ،
تَنھِن کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جَو مُونھِين وَٽِ مَسَ رَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 14 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تازي ڦُلَنِ ھيرَ،
تَنھِن کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جَو مُونھِين وَٽِ مَسَ رَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 14 ]
تُرَھو آڇِ مَ تَنھِن کي، جَنھِن عِشقَ سين آگاھَ،
پُڇي مَسَ مَلاحَ سائِرُ مَڻي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 41 ]
پُڇي مَسَ مَلاحَ سائِرُ مَڻي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 41 ]
وَسي تَڏِھِين وَسَ، مُندَ مِڙيائِي مِينھَن جِي،
کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا ڏُٻِرا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 17 ]
کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا ڏُٻِرا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 17 ]
جِيئَڻُ جَتَ ڌاران، مَعذُورِ جو مَسَ ٿِئي،
چانگَنِ سِرِ چَڙِهي وِئا، ساٿِي سَوارا،
اَکِيُون اوتارا، پَسِئو رُونِ پُنهونءَ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 9 ]
چانگَنِ سِرِ چَڙِهي وِئا، ساٿِي سَوارا،
اَکِيُون اوتارا، پَسِئو رُونِ پُنهونءَ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 9 ]
ڏُونگَرَ ۾ ڏَھڪارُ، موٽَڻُ مَيَنَ جو مَسَ ٿِئي،
وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ،
ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون دُعا ڳِڻِ دوستَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 19 ]
وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ،
ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون دُعا ڳِڻِ دوستَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 19 ]
پَسِي سي سَرَھِي ٿِي، جٖي مَيَنِ لَنگهِئا مَسَ،
تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ،
حُبَ جَنھِين کي ھوتَ جو، وِندُرِ تَنھِين کي وَسَ،
سَندِيءَ چانگَنِ چَسَ، پيرَ ٺَرَندَءِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 12 ]
تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ،
حُبَ جَنھِين کي ھوتَ جو، وِندُرِ تَنھِين کي وَسَ،
سَندِيءَ چانگَنِ چَسَ، پيرَ ٺَرَندَءِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 12 ]
ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، اَمَڙِ مُون اَماڻِ،
اَسان تو رِھاڻِ، موٽِي ڪا مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 5 ]
اَسان تو رِھاڻِ، موٽِي ڪا مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 5 ]
ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، مُنھِنجو اَٽَلُ آرِياڻِي،
چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي،
ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي،
جا وِندُرِ وِڪاڻِي، تَنھِن جو موٽَڻُ ڪو مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 25 ]
چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي،
ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي،
جا وِندُرِ وِڪاڻِي، تَنھِن جو موٽَڻُ ڪو مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 25 ]
ڪاروُن جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِئا،
موٽِي مَسَ اچَنِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 14 ]
موٽِي مَسَ اچَنِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 14 ]
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ کان پوءِ،
پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ،
جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھِن مَسَ ٿِئي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 3 ]
پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ،
جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھِن مَسَ ٿِئي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 3 ]
English Meaning
Hardly, once in times, only, sometimes.