مَرين جي سنڌي معنيٰ
مري وڃين، فنا ٿئين. ختم ٿئين، جيئري نہ رھين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
May die, finish.
مَرين جا بيتن ۾ حوالا
مَتارا مَرِي وِئا، موکِي تُون نَہ مَرين،
ڪِھَڙِيءَ پَرِ پَرين، ڏُکِي ڏاتارَنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 11 ]
ڪِھَڙِيءَ پَرِ پَرين، ڏُکِي ڏاتارَنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 11 ]
مَرُ مَرين آئُون رُئين، موٽِي ڪانڌَ مَ آءُ،
مَڇُڻ تو پُئان، ڪَچو چَونِمِ جيڏِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 14 ]
مَڇُڻ تو پُئان، ڪَچو چَونِمِ جيڏِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 14 ]
مَرُ مَرين آئُون رُئين، موٽِي آءُ مَ ڪانڌَ،
ڪَچَن وَڏا پاندَ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 15 ]
ڪَچَن وَڏا پاندَ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 15 ]
سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جا وَھمَ وِسارِ،
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
ڀِيڙي ڀِيڙي ٻَڌُ، سُورائِتِي سَندِرو،
ڪيچُ پَراھُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 3 ]
ڪيچُ پَراھُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 3 ]
اَڃا ٿِي جِيَين، سَڄَڻُ سارِئو نَہ مَرين،
وَٽِيُون وِھَ گاڏِئُون، ڇورِي ڇو نَہ پِيَين،
لَڳُئِيء ڪو نَہ ھِنيَين، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 1 ]
وَٽِيُون وِھَ گاڏِئُون، ڇورِي ڇو نَہ پِيَين،
لَڳُئِيء ڪو نَہ ھِنيَين، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 1 ]
ڇَپَرِ ڇُلِي جَي، مَرين مُنڌَ مارَڳَ ۾،
قَدُرُ ڪيچِيَنِ کي، پَئي تُنھِنجي پَنڌَ جو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 35 ]

مارِي مَرين شالَ، ڍَٻَ وَڃنِيئي ڍَٻِيُونۡ،
جَنھِن تو اَچِي ڪالَهہ، وِڌو وِچُ وَرھَنِ کي.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 22 ]
جَنھِن تو اَچِي ڪالَهہ، وِڌو وِچُ وَرھَنِ کي.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 22 ]
نَڪِي ڪِتوئِي ڪالَهہ، اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين،
مُونا اَٽِجِي اُکِڙِئا، اَرٽَ ڍَرَڪِي مالَهہ،
ھَئَي تُنھِنجي حالَ، جِيئَن ڪاپي مان ڪِينَ ڪِيوءِ.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 7 ]
مُونا اَٽِجِي اُکِڙِئا، اَرٽَ ڍَرَڪِي مالَهہ،
ھَئَي تُنھِنجي حالَ، جِيئَن ڪاپي مان ڪِينَ ڪِيوءِ.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 7 ]
English Meaning
May die, finish.