سِڪين جي سنڌي معنيٰ
اُڪنڊجين، واجهائين، تڪين. حرص ڪرين. آسروند ٿئين. خواهش مند ٿئين، گهرجائو ٿئين، ضرورتمند ٿئين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Coveting, wishing, longing, to be in a state of desire, yearning.
سِڪين جا بيتن ۾ حوالا
سِڪين ڪوھُ سَلامَ کي، ڪَرِيين ڪوھُ نَہ سَلامُ،
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
اَڱَڻِ آھِينِ اَڄُ، صُبحِ ويندَءِ صابِرِي،
ڪِجِ ڪو ڪاپَڙِيَنِ مان، رُوحَ رُچَندو رَڄُ،
پيرَ اُنِين جا پُڄُ، مَتان سِڪين سَناسِيَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 2 ]