ذِڪِرُ جي سنڌي معنيٰ
يادگيري، ياد. سارَ، سَمَڪَ، سنڀارَ، ساروڻي، هُرَ. بيان، تات، تذڪرو، گفتگو، قرآن شريف جو دؤر. ياد، يادِ خدا. ثنا، صفت خدا جي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Mention, reference, description, narration, chanting, recitation, remembrance, account, talk, reading or recitation from the Qur'an, recital of the praise and names of God.
ذِڪِرُ جا بيتن ۾ حوالا
ذالَئُون ذِڪِرُ رَبَ جو، ويلَ نَہ وِسارينِ،
سَناسِي سُبحانَ کي، سَدائِين سارِينِ،
تَسبِيحَ جي تَرارِ سين، مُلحِدَ کي مارِينِ،
جَزَآؤُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ جَنَّٰتُ عَدْنٍ ، اللهُ اوسارِينِ،
گُوندَرِ گُذارِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 9 ]