حِسابَ جي سنڌي معنيٰ
ليکو، ڳاڻيٽو، ڳڻپ، شمار، تخمينو، انداز، جاچ، پڙتال. انگن جو علم، علم رياضي، حساب ڪتاب، انگي حساب زباني حساب، سليٽي حساب. اگهہ، قيمت، نرخ، بھا، قاعدو، ڍنگ، طور، طرح، نمونو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Calculation, reckoning, account, arithmetic.
حِسابَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]

ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو،
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ،
ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 10 ]
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ،
ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 10 ]
ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري،
وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري،
ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ سَري،
لَاْ يَفُوْتُ وَ لَاْ يَمُوْتُ ، سامِيَنِ ڪِينَ سَري،
ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 27 ]

ماڙِيءَ چَڙِهئو مي، ٿِي ھَڻي حَرَفُ حِسابَ جو،
جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي،
ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي سُولُ سُھاڳَ سين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 8 ]
جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي،
ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي سُولُ سُھاڳَ سين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 8 ]
ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، مُنھِن ميرِيُون مييُون،
ڀاڪُرُ پائي ڀَنِ کي، پاڻِيءَ ۾ پييُون،
جي سَمي سامَ وييُون، تَنِ تان لَٿو حَرَفُ حِسابَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 15 ]
ڀاڪُرُ پائي ڀَنِ کي، پاڻِيءَ ۾ پييُون،
جي سَمي سامَ وييُون، تَنِ تان لَٿو حَرَفُ حِسابَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 15 ]
English Meaning
Calculation, reckoning, account, arithmetic.