باللہ جي سنڌي معنيٰ
اَلله جو قسم، خدا جو سُنھُن. سچ پچ، تحقيق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Truely, verily, oath on Allah.
باللہ جا بيتن ۾ حوالا
سَھِسين سِجَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊَنِ،
باللہ ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداھِي ڀانيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 20 ]
باللہ ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداھِي ڀانيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 20 ]
ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھُوءِ، سُتي سَنڀارَنِ جي،
چَڙَنِ چِتُ چورِئو، جُونڪُ ٿِئَڙُمِ جُوءِ،
مَحَبتَ ۽ مَجازَ جي، باللہ پييَمِ بُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، ديکِيان دوسِتَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 11 ]
چَڙَنِ چِتُ چورِئو، جُونڪُ ٿِئَڙُمِ جُوءِ،
مَحَبتَ ۽ مَجازَ جي، باللہ پييَمِ بُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، ديکِيان دوسِتَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 11 ]
وَطَنُ مُون مَلِيرُ، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ،
چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو پَنِيرُ،
ھاڃا ڪِئو حَمِيرُ، باللہ ني ٿو بَندَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 2 ]
اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ،
چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو پَنِيرُ،
ھاڃا ڪِئو حَمِيرُ، باللہ ني ٿو بَندَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 2 ]
باللہ آھِيان بَندَ ۾ ڌُئان ڪِيئَن ڌَٻَرُ،
ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ،
مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ،
ويڙِھ پَسان سو وَرُ، جيڏانھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 3 ]
ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ،
مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ،
ويڙِھ پَسان سو وَرُ، جيڏانھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 3 ]
English Meaning
Truely, verily, oath on Allah.