اَگِهي جي سنڌي معنيٰ
قبول پئي، اگهائجي وئي، قدر ۾ آئي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Granted, succeeded, to come to profit
اَگِهي جا بيتن ۾ حوالا
اَگِهي اَگهائِي، رَنجُ پِريان کي رَسِئو،
چَکِئَمِ چَڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ کان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 1 ]
چَکِئَمِ چَڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ کان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 1 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جَڏِي زالَ،
توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِئو، ھَئَي ھِيڻِيءَ جي حالَ،
جُکِي ريءَ جَمالَ، اَگِهي ٿِي آھُون ڪَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 4 ]
توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِئو، ھَئَي ھِيڻِيءَ جي حالَ،
جُکِي ريءَ جَمالَ، اَگِهي ٿِي آھُون ڪَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 4 ]
مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شادِي ڏيِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ غَريِبَ،
ڪاھِلِ آھِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ رَقِيبَ،
حاذِقُ آھِين ھِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،
اَگِهي ٿِي آھُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجِهہ نَصِيبَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَھيَسِ طَبِيبَ،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڪوڙي لاءِ قَرِيبَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 5 ]

اَدِيُون اَگِهي آھِيان، پِرِيَنِ پُڄاڻا،
سي ڪوھِيارا ڪِيڻَ وِئا، ساڄَنَ سِياڻا،
جٖي سَسُئِيءَ سِيباڻا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 4 ]
سي ڪوھِيارا ڪِيڻَ وِئا، ساڄَنَ سِياڻا،
جٖي سَسُئِيءَ سِيباڻا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 4 ]
سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي، ويڙِھِي جا وِرَھَنِ،
چَتُ جَنھِن جو چُورِ ڪِئو ڪِئو، ڏُکوئِي ڏُکَنِ،
پُڄاڻا پِرِيَنِ، اَدِيُون اَگِهي آھِيان.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 3 ]
چَتُ جَنھِن جو چُورِ ڪِئو ڪِئو، ڏُکوئِي ڏُکَنِ،
پُڄاڻا پِرِيَنِ، اَدِيُون اَگِهي آھِيان.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 3 ]
English Meaning
Granted, succeeded, to come to profit